اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي اختيار ولي خان سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت

نوشهره -28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم جي خيبرپختونخواهه جي اطلاعات معاملن واري ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو ۽ اختيار ولي خان ۽ ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته …

نوشهره -28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم جي خيبرپختونخواهه جي اطلاعات معاملن واري ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو ۽ اختيار ولي خان ۽ ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته اختيار ولي خان جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، ماءُ جهڙي عظيم هستيءَ جو وڇڙي وڃڻ خاندان جي لاءِ ناقابل تلافي صدمو آهي، ماءُ جي محبت دعا ۽ شفقت ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي هوندي، پونئيرن جي ڏک م برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.

مزید خبریں