واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان يورپي يونين مانيٽرنگ مشن جي ملاقات، مضبوط واپاري حصيداري جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان يورپي يونين ڪميشن جي مانيٽرنگ مشن ڪالهه واپار واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين مضبوط واپاري حصيداري جي عزم کي ورجايو. مشن جي اڳواڻي سرجيوبليبريا ڪئي جڏهن ته ساڻس گڏ يورپي يونين جو سفير ريمونڊس ڪاروبلس به موجود هو. ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته يورپي يونين …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان يورپي يونين ڪميشن جي مانيٽرنگ مشن ڪالهه واپار واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين مضبوط واپاري حصيداري جي عزم کي ورجايو. مشن جي اڳواڻي سرجيوبليبريا ڪئي جڏهن ته ساڻس گڏ يورپي يونين جو سفير ريمونڊس ڪاروبلس به موجود هو. ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته يورپي يونين پاڪتان جي سڀ کان وڏي روانگي واپار آهي. جي ايس پي پلس واپار روزگار عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پائيدار ترقيءَ کي مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان 27 عالمي ڪنوينشنز تي عملدرآمد لاءِ پُرعزم آهي. 5هين ٻن سالن واري جائزي ۾ پاڪستان جي اڳڀرائيءَ کي تسليم ڪرڻ جي اميد آهي. وفاقي وزير مشن سان نئين جي ايس پي پلس فريم ورڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ شرط نه لڳائڻ جي درخواست ڪئي. يورپي يونين طرفان ايٿنول تي جي ايس پي رعايتون واپس وٺڻ تي واپار واري وزير ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. ڄام ڪمال خان چيو ته فيصلي سان آبادگارن جو روزگار متاثر ٿيو آهي. ڄام ڪمال خان مشن کي سنڌي اجرڪ، گلابي لوڻ ۽ انبن کي به جي آءِ تحفظ ڏيڻ جي سفارش ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين مستحڪم جي ايس پي پلس حصيداري جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں