حڪومت متحرڪ ۽ جامع ڪيپيٽل مارڪيٽس جي جوڙجڪ لاءِ پرعزم آهي: ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي ترقي لاءِ مالي مدد فراهم ڪرڻ، سيڙپڪارن جي شموليت وڌائڻ ۽ جاري ڍانچاجاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ حڪومت متحرڪ ۽ جامع ڪيپيٽل مارڪيٽ جي جوڙجڪ لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ ڪائونسل جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي ترقي لاءِ مالي مدد فراهم ڪرڻ، سيڙپڪارن جي شموليت وڌائڻ ۽ جاري ڍانچاجاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ حڪومت متحرڪ ۽ جامع ڪيپيٽل مارڪيٽ جي جوڙجڪ لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ ڪائونسل جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته جديد، جامع ۽ سيڙپڪار دوست ڪيپيٽل مارڪيٽ ايڪو سسٽم جي ترقي قومي ترجيح آهي جيڪا فنانس تائين بهتر پهچ، بچتن کي هٿي ڏيڻ، مارڪيٽ سرگرمي ۾ گهرائي ۽ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي مضبوطي لاءِ اڻٽر آهي. اجلاس ۾ پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي استحڪام ۽ توسيع جي روڊ ميپ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اهم مالياتي ادارن، ڪارپوريٽ سيڪٽر، ريگوليٽرز ۽ مختلف سرڪاري شعبن جي اعليٰ قيادت شرڪت ڪئي جن ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن، اسٽيٽ بئنڪ، پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، سينٽرل ڊپازٽري ڪمپني، نيشنل ڪليئرنگ ڪمپني، پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ ناڻي واري وزارت جا نمائندا شامل هئا. اجلاس ۾ ڪائونسل جي پنهنجي ضابطي ڪار ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقي جي مجموعي منصوبن ۽ حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو ۽ مارڪيٽ کي وڌائڻ، ان کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ واڌ ڏيڻ لاءِ عالمي بهترين طريقن ۽ منظم طريقيڪار کي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ چار بنيادي شعبن کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهه ٿي جن ۾ ريٽيل ۽ اداره جاتي سيڙپڪارن جي شموليت ۾ اضافو، سيڙپڪارن جي ضرورتن موجب مختلف سيڙپڪاري مصنوعات جي ترقي، بئنڪن، بروڪرز ۽ ميوچل فنڊز سميت ادارن لاءِ سهولتڪاري ۾ بهتري ۽ سيڙپڪارن لاءِ مراعتن جي جوڙجڪ شامل آهي جن ۾ ڪراس بارڊر لسٽنگز، سهڪاري عمل ۽ وسيع تر مارڪيٽ انضمام جهڙا قدم پڻ شامل آهن. اجلاس ۾ ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ڪراس بارڊر انضمام جي گهرجن، مارڪيٽ ٽيڪنالاجيز جي ان الائٽمينٽ، ريگوليٽري جديدڪاري ۽ جاري ڪندڙن کي قرض ۽ ايڪويٽي ٻنهي مارڪيٽن ذريعي سرمايو وڌائڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت جو به جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وڌيڪ ليڪويڊيٽي، متحرڪ ۽ شفاف قيمتن جي تعين جي نظام جي جوڙجڪ قومي معاشي ترقي ۾ ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ اڻٽر آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت اهڙن متحرڪ ۽ فعال ڪيپيٽل مارڪيٽس جي قيام لاءِ پرعزم آهي جيڪي جاري ڪندڙن کي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهن ۽ سيڙپڪارن کي محفوظ ۽ پرڪشش سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪن. هن چيو ته جاري ڍانچاجاتي سڌارا مارڪيٽ جي ڪارڪردگي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ۽ نجي شعبو ٻئي قرض ڪيپيٽل مارڪيٽ مان وڌ کان وڌ فائدو کڻن. ناڻي واري وزير ڪائونسل تي زور ڀريو ته هو نجي شعبي جي شموليت ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ خاتمو ڪري. هن چيو ته ڪيپيٽل مارڪيٽ جو مرڪزي ڪردار انهن ادارن کي جن کي سرمايو گهربل آهي، انهن ماڻهن ۽ ادارن کي جيڪي بچت رکن ٿا، شفاف ۽ موثر ايڪويٽي ۽ قرض جي اوزارن ذريعي جوڙڻ آهي. اجلاس ۾ ريگوليٽري، ٽيڪسيشن ۽ مراعتي فريم ورڪس جو به جائزو ورتو ويو. جن ۾ ريگوليٽري نگراني ۾ بهتري، ڪمپنين کي لسٽنگ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ مراعتون ۽ مصنوعات جي تياري ۽ مارڪيٽ جي چٽاڀيٽي لاءِ ٽيڪس پاليسين تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪسيشن ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ڪشش پر اثر انداز ٿيڻ وارو هڪ اهم عنصر آهي، هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس پاليسي آفيس، اسٽيٽ بئنڪ، ايس اي سي پي، ڊي ايم او ۽ ناڻي واري وزارت گڏيل طور تي ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ٽيڪس نظام، جاري ڪندڙن لاءِ ٽيڪس مراعتون ۽ وسيع تر لسٽنگز ۽ وڌيڪ شفافيت کي هٿي ڏيڻ جي قدمن جو جائزو وٺن. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته شفاف ۽ قاعدي جي پابند ڪمپنين کي ساراهيو وڃي. ناڻي واري وزير اها به هدايت ڪئي ته ڪائونسل جو سيڪريٽريٽ پاڪستان حڪومت جي تازو ئي اعلان ڪيل ٽن مرحلن تي ٻڌل ڊجيٽائيزيشن پاليسي کي ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ روڊ ميپ سان جامع ڪري. اجلاس ۾ اهو طئي ٿيو ته ترجيحي شعبن ۾ خصوصي ورڪنگ گروپس قائم ڪيا ويندا جيڪي ايندڙ ٻن هفتن ۾ اهم ڪارڪردگي اهڃاڻ ۽ عملي منصوبا جوڙيندا. ڪائونسل کي ٽه ماهي بنيادن تي اڳڀرائي رپورٽ ملي وئي  عملدرآمد ۽ نتيجن جي نگراجي لاءِ هر ٽه ماهي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن قدمن جو مقصد هڪ متحرڪ، لچڪدار ۽ وڌيڪ ليڪويڊيٽي رکندڙ ڪيپيٽل مارڪيٽ ايڪو سسٽم قائم ڪرڻ آهي، جيڪي بچتن جي پيداواري سيڙپڪاري ڏانهن منتقل ڪري. معاشي ترقي ۾ مددگار هجي ۽ پاڪستان جي مجموعي مالي استحڪام کي مضبوط بڻائي.

مزید خبریں