اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل جمعي جي ڏينهن ابوجا ۾ نائيجيريا جي پرڏيهي وزير يوسف ميتا ماتگر سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران اقتصادي تعاون وڌائڻ، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ۽ ٻطرن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين نائيجيريا ۽ پاڪستان …
وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل جي ابوجا ۾ نائيجيرين پرڏيهي وزير سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل جمعي جي ڏينهن ابوجا ۾ نائيجيريا جي پرڏيهي وزير يوسف ميتا ماتگر سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران اقتصادي تعاون وڌائڻ، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ۽ ٻطرن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين نائيجيريا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ مضبوط سياسي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ نائيجيريا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفو واپاري معاهدو (بي ٽي اي) کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ صحيحون ڪرڻ جو معاهدو ۽ فني ٽيمن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ مسئلا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان کانسواءِ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن ۽ نائيجيريا ويندڙ سياحن لاءِ ويزا جاري ڪرڻ ۾ آساني ۽ پاڪستان ايندڙ نائيجيرين شهرين لاءِ گڏيل سهولت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين توانائي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، فارما سيوٽيڪل، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ حلال واپار سميت اهم شعبن ۾ واپار وڌائڻ ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ هڪ ٻئي جي حمايت لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اها ڳالهه ٻولهه ويجهي مستقبل ۾ ٺوس اقتصادي فائدا ۽ عوام کان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جو سبب بڻجندي.











