ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي شهيد جو درجو ڏنو وڃي: ڪي پي اسيمبلي ۾ قرارداد جمع

پشاور-28 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ احمد ڪنڊي خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل قرارداد ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي، جمهوري ۽ قومي خدمتن کي شاندار خراج پيش ڪيو آهي. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري سطح تي قومي شهيد جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن سندس عظيم قومي …

پشاور-28 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ احمد ڪنڊي خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل قرارداد ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي، جمهوري ۽ قومي خدمتن کي شاندار خراج پيش ڪيو آهي. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري سطح تي قومي شهيد جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن سندس عظيم قومي خدمتن ۽ قربانين جو اعتراف رياستي سطح تي ڪري سگهجي. قرارداد ۾ هڪ نقل وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلڻ جي به سفارش ڪئي وئي ته جيئن ان حوالي سان ضروري ڪارروائي مڪمل ڪري سگهجي. پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ احمد ڪنڊي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هڪ مضبوط، جمهوري ۽ عوامي پاڪستان جو بنياد رکي تاريخ ۾ اهو نقش ڇڏيو آهي جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو.

مزید خبریں