ٽن طلاقن سميت ڪنهن به شڪل ۾ ڏنل طلاق 90 ڏينهن جو مدو پورو ٿيڻ تائين موثر نٿي ٿي سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي ته مسلم فيملي لاز آرڊيننس 1961ع جي شق 7 تحت ”ٽن طلاقن سميت ڪنهن به شڪل ۾ ڏنل طلاق“ ان وقت تائين موثر نٿي سگهي ٿي جيستائين 90 ڏينهن جو مدو پورو نه ٿي وڃي ۽ هي ته جيڪڏهن مڙس زال کي طلاق جو حق بنا شرط جي ڏنو هجي ته زال کي طلاق واپس وٺڻ جو …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي ته مسلم فيملي لاز آرڊيننس 1961ع جي شق 7 تحت ”ٽن طلاقن سميت ڪنهن به شڪل ۾ ڏنل طلاق“ ان وقت تائين موثر نٿي سگهي ٿي جيستائين 90 ڏينهن جو مدو پورو نه ٿي وڃي ۽ هي ته جيڪڏهن مڙس زال کي طلاق جو حق بنا شرط جي ڏنو هجي ته زال کي طلاق واپس وٺڻ جو حق به مڪمل طور تي حاصل آهي. سپريم ڪورٽ طرفان رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ محمد حسن سلطان جي پٽيشن اڪلائي ڇڏي. عدالتي فيصلي موجب هاءِ ڪورٽ آف سنڌ جو 7 آڪٽوبر 2024ع جو فيصلو درست قرار ڏنو ويو، عدالت موجب ڌرين 2016ع ۾ شادي ڪئي ۽ نڪاح نامي جي شق 18 تحت مڙس زال (موريل شاهه) کي بنا شرط جي طلاق جو حق سونپيو هو. زال 3 جولاءِ 2023ع تي شق 7 (1) تحت نوٽيس جاري ڪيو پر 90 ڏينهن جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ 10 آگسٽ 2023ع تي اها ڪارروائي واپس وٺي ڇڏي جنهن تي چيئرمين يونين/آربيٽريشن ڪائونسل طلاق ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته شق 7 جي استعمال ٿيل لفظ ”طلاق ڪنهن به صورت ۾“ ان ڳالهه جو واضح اظهار آهي ته طلاق بدعت (ٽي طلاقون هڪ ئي وقت) به انهي طريقيڪار جون پابند آهن ۽ 90 ڏينهن جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ڪا به طلاق موثر نٿي ٿي سگهي، فيصلي موجب آرڊيننس جي شق 8 اها ضمانت ڏي ٿي ته جڏهن زال کي طلاق جو حق سونپيو وڃي ته ان تي اهو ئي قانون لاڳو ٿيندو جيڪو مڙس تي ٿئي ٿو جنهن ۾ طلاق واپس وٺڻ جو اختيار به شامل آهي. عدالت اهو به واضح ڪيو ته زال طرفان ۽ بعد ۾ نيويارڪ جي عدالت ۾ ڪارروائي شروع ڪرڻ پاڪستان ۾ واپس ورتل ڪارروائي کي متاثر نٿي ڪري نه ئي يونين ڪائونسل يا هاءِ ڪورٽ ان نڪتي تي ڪو فيصلو ڏئي سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ اهو به برقرار رکيو ته مڙس طرفان بعد ۾ ڏنل طلاق جي نوٽيس جي اختيار جو دائرو نه ٿيڻ جي بنياد تي درست طور خارج ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته ان وقت زال نيويارڪ ۾ ترسيل هئي ۽ قانون موجب پاڪستاني مشن نيويارڪ ئي لاڳاپيل اٿارٽي هو. عدالت قرار ڏنو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون موجب هو جنهن تي پٽيشن خارج ڪئي وئي.

مزید خبریں