اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وفاق ۽ نجي پاور ڪمپني اپنسر پاورجن وچ ۾ پرفارمنس گارنٽي جي تڪرار بابت ڪيس جو فيصلو ٻُڌائيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم برقرار رکيو جنهن ۾ پاور اينڊ واٽر ڊويزن ۽ پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪچر بورڊ کي ڪمپنيءَ جي 3 ڪروڙ 30 لک رپيا ماليت جي پرفارمنس گارنٽي منافعي سميت واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سپريم ڪورٽ …
سپريم ڪورٽ پاران وفاق ۽ نجي پاور ڪمپني پرفارمنس گارنٽي ڪيس ۾ فيصلو برقرار، 3 ڪروڙ 30 لک رپين جي ريڪوريءَ جو هاءِ ڪورٽ جو حڪم درست قرار

مزید خبریں
اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وفاق ۽ نجي پاور ڪمپني اپنسر پاورجن وچ ۾ پرفارمنس گارنٽي جي تڪرار بابت ڪيس جو فيصلو ٻُڌائيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم برقرار رکيو جنهن ۾ پاور اينڊ واٽر ڊويزن ۽ پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪچر بورڊ کي ڪمپنيءَ جي 3 ڪروڙ 30 لک رپيا ماليت جي پرفارمنس گارنٽي منافعي سميت واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سپريم ڪورٽ طرفان رپورٽنگ لاءِ منظور لکت واري تفصيلي فيصلي موجب جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب 3 رڪني بينچ طرفان لکت وارو حڪم جاري ڪيو، جڏهن ته بينچ ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس محمد شفيع صديقي به شامل هئا. عدالتي رڪارڊ موجب 1994ع ۾ حڪومت نجي شعبي ۾ 330 ميگاواٽ پاور پلانٽ لاءِ ڪمپنيءَ کي ليٽر آف سپورٽ جاري ڪيو هو جڏهن ته 1996ع ۾ ملڪ ۾ بجلي جي وڌيڪ پيداوار جي خدشي سبب اقتصادي رابطا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته مجموعي 3 هزار ميگاواٽ جو هدف پورو ٿيڻ کانپوءِ باقي منصوبن جي بئنڪ گارنٽي ضبط ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته ڪابينه ڊويزن جو 3 جولاءِ 1996ع جي فيصلي موجب هو سمورا منصوبا جن وٽ 15 اپريل 1996ع تي درست ليٽر آف سپورٽ موجود هو مالي پُڄاڻي حاصل نه ڪرڻ جي صورت ۾ پنهنجي پرفارمنس گارنٽي جي واپسيءَ جا حقدار هئا پر هو حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي نه ڪن. حڪم نامي موجب پاڻي ۽ بجليءَ واري وزارت طرفان 1997ع ۾ تيار ڪيل رپورٽ جيڪا خود حڪومت عدالت ۾ پيش ڪئي ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته اسپنسر پاورجن ان پاليسيءَ تحت رقم جي واپسيءَ جو حق رکي ٿو. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته هاءِ ڪورٽ صرف پرفارمنس گارنٽي جي واپسيءَ جو حڪم ڏنو هو جيڪو ڪنهن معاهدي جي حق ۾ مداخلت نٿو بڻجي پر اي سي سي جي فيصلي تي عملدرآمد آهي.











