پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچيءَ ۾ نئين اي ٽي سي ٽاور، فائر اسٽيشن جي تعميراتي منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي

ڪراچي-28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچيءَ ۾ جديد ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ٽاور ۽ ريسڪيو ۽ فائر فائٽنگ اسٽيشن جي تعمير جي منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن جو مقصد فضائي ٽريفڪ مئنجمينٽ آپريشنل سيفٽي ۽ ايئرپورٽ جي ڪارڪردگيءَ ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ آهي. ڪالهه پي اي اي طرفان جاري بيان موجب هي منصوبو ايم ايم پاڪستان ۽ اسپين جي ڪمپني ڪيموسيا اينڊ فيربينڪس آرڪيٽيڪس …

ڪراچي-28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچيءَ ۾ جديد ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ٽاور ۽ ريسڪيو ۽ فائر فائٽنگ اسٽيشن جي تعمير جي منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن جو مقصد فضائي ٽريفڪ مئنجمينٽ آپريشنل سيفٽي ۽ ايئرپورٽ جي ڪارڪردگيءَ ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ آهي. ڪالهه پي اي اي طرفان جاري بيان موجب هي منصوبو ايم ايم پاڪستان ۽ اسپين جي ڪمپني ڪيموسيا اينڊ فيربينڪس آرڪيٽيڪس جي سهڪار سان ڊزائين ۽ تعمير ڪيو ويندو. 4 ڏينهن واري ورڪشاپ دوران عالمي ماهرن جي 2 رڪني ٽيم سينئر آرڪيٽيڪٽ بروس فيربينڪس ۽ ڪميونيڪيشن اينڊ نيويگيشن/ ايئر ٽريفڪ مئنجمينٽ (سي اين ايس)/(اي ٽي ايم) ماهر خوان ڪروز ڪانبيا مقامي ماهرن سان ملاقاتون ڪري منصوبن جي گهرجن ۽ ڊزائين پيراميٽرز کي حتمي شڪل ڏني. ٽن تجويز ڪيل هنڌن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ ٽاور ۽ فائر اسٽيشن ٻنهي جا هنڌ فائنل ڪيا ويا، جيڪي آپريشنل ضرورتن سيفٽي معيار ۽ مستقبل جي ايوي ايشن جي ترقيءَ موجب آهن. هي اڳڀرائي پاڪستان جي فضائي انفراسٽرڪچر کي عالمي معيار موجب جديد رُخن تي آڻڻ ۾ پي اي اي جي عزم جي عڪاسي آهي.

مزید خبریں