بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد سان هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد سان هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد ۽ ايڊوائيزر نيٽ ورڪنگ اينڊ ڊونر رليشنز سميرا جاويد بي آءِ ايس پي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بينظير هنرمند پروگرام تحت بي آءِ ايس پي جي حقدارن لاءِ هنرمنديءَ جي تربيت ۽ روزگار جي موقعن جي سلسلي ۾ امڪاني تعاون تي تفصيل سان …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد سان هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد ۽ ايڊوائيزر نيٽ ورڪنگ اينڊ ڊونر رليشنز سميرا جاويد بي آءِ ايس پي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بينظير هنرمند پروگرام تحت بي آءِ ايس پي جي حقدارن لاءِ هنرمنديءَ جي تربيت ۽ روزگار جي موقعن جي سلسلي ۾ امڪاني تعاون تي تفصيل سان ڳالهيون ڪيون ويون. ڳالهين ۾ صحت، تعليم، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ عورتن جي روزگار سميت ٻيا امڪاني شعبا به ويچار هيٺ آيا. سينيٽر روبينه خالد خيبر پختونخوا جي حقدارن لاءِ اسپيشلائزڊ اسڪل ڊولپمينٽ جي حوالي سان نوان قدم متعارف ڪرائڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. جنهن ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيئر گيورز ۽ آيا جي تربيت سان گڏوگڏ هٿ جي هنر ۽ هنر تي ٻَڌل پروگرام شامل آهن. روبينه خالد معياري تربيتي ڪاريگرن جي ورڪشاپس، شين جي بهتر تڪميل ۽ پيشيوراڻي پيڪيجنگ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته بينظير هنرمند پروگرام بي آءِ ايس پي خاندانن جي معاشي بهتريءَ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته عورتن جي فلاح بهبود ۽ معاشي خودمختياريءَ لاءِ بامعنيٰ حصيداريءَ کي اڳتي وڌائڻ جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

مزید خبریں