اسلام آباد -28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ مبينا طور تي هڪ افغان شهري ملوث آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ مارجي ويل سپاهي جي گهرڀاتين سان همدرديءَ ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. بيان ۾ متاثر خاندانن …
پاڪستان پاران واشنگٽن ڊي سي ۾ فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد -28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ مبينا طور تي هڪ افغان شهري ملوث آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ مارجي ويل سپاهي جي گهرڀاتين سان همدرديءَ ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. بيان ۾ متاثر خاندانن سان گڏوگڏ آمريڪا جي حڪومت ۽ عوام سان پڻ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي. بيان موجب اهو ٽارگيٽيڊ حملو بنا ڪنهن شڪ جي دهشتگردي جي ڪارروائي ۽ آمريڪا جي سرزمين تي هڪ ڪڌو حملو آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان اهڙي طرح جي ڪيترن ئي دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏنو آهي، جن جو واضح تعلق افغانستان سان آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي ۾ وڌيڪ چيو ته اهو واقعو عالمي دهشتگردي سان درپيش چئلينجز جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏي ٿو. اهو واقعو عالمي سطح تي دهشتگردي جي هڪ پريشان ڪندڙ رجحان جي واپسي جو اشارو ڏئي رهيو آهي، ان جي لاءِ عالمي برادري کي ان صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ گڏيل ڪوششن کي سگهه ڏيڻ گهرجي. بيان موجب پاڪستان دهشتگردي جي گڏيل چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ وسيع تر عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.











