پاڪستان پاران افغانستان سان پنهنجي سرحد جي ويجهو تاجڪستان ۾ هڪ ڪڌي دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان سان پنهنجي سرحد جي ويجهو تاجڪستان ۾ هڪ ڪڌي دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي قيمتي جانين جي زيان تي عوامي جمهوريه چين جي حڪومت ۽ عوام سان گڏوگڏ تاجڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي گهري تعزيت ۽ مضبوط يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان چيني شهرين تي …

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان سان پنهنجي سرحد جي ويجهو تاجڪستان ۾ هڪ ڪڌي دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي قيمتي جانين جي زيان تي عوامي جمهوريه چين جي حڪومت ۽ عوام سان گڏوگڏ تاجڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي گهري تعزيت ۽ مضبوط يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان چيني شهرين تي ٿيندڙ بزدلاڻي حملي جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. ان واقعي ۾ هٿياربند ڊرونز جو استعمال افغانستان مان ايندڙ خطري جي سنگين ۽ ان جي پٺيان ڪارفرما ماڻهن جي نڪ نرڄائي کي واضح ڪري ٿو. بيان موجب هڪ پاڙيسري جي طور تي جيڪو ڪيترائي ڀيرا افغان سرزمين تان دهشتگردي جي حملن جو شڪار ٿيو آهي، پاڪستاني عوام چيني دوستن ۽ تاجڪ حصيدارن جي ڏک کي پوري طرح سمجهي ٿو ۽ ان ۾ شريڪ آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسلسل ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته افغان سرزمين پنهنجي پاڙيسرين يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، دهشتگرد عنصرن پاران افغان سرزمين جو بار بار استعمال ۽ افغان طالبان حڪومت جي سرپرستي ۾ انهن جي مسلسل موجودگي پوري خطي ۽ وسيع تر عالمي برادري جي لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي. بيان موجب افغان سرزمين تان دهشتگرد گروپن، انهن جي حوصلا افزئي ڪندڙن، سهولتڪارن ۽ مالي مدد ڪندڙن جي خلاف ٺوس ۽ قابل تصديق ڪارروائي ئي ان وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو آهي، پاڪستان پنهنجي گڏيل پاڙيسريت ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ چين، تاجڪستان ۽ ٻين علائقائي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.

مزید خبریں