قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان مخالف ڌر جي سينيٽرن ۽ ايم اين ايز جي ملاقات

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان مخالف ڌر جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي ملاقات ٿي جنهن ۾ پارٽي اختلافن باوجود پارلياماني ڀائيچاري ۽ مفاهمت جي جذبي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ مخالف ڌر جي نمائنده ميمبرن ۾ علامه راجا ناصر عباس، فيصل جاويد، اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر ۽ اسيمبلي ميمبر بئريسٽر گوهر علي خان، اقبال …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان مخالف ڌر جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي ملاقات ٿي جنهن ۾ پارٽي اختلافن باوجود پارلياماني ڀائيچاري ۽ مفاهمت جي جذبي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ مخالف ڌر جي نمائنده ميمبرن ۾ علامه راجا ناصر عباس، فيصل جاويد، اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر ۽ اسيمبلي ميمبر بئريسٽر گوهر علي خان، اقبال آفريدي، عاطف خان، ڊاڪٽر امجد علي خان، سردار لطيف کوسا ۽ محمد جمال احسن خان شامل هئا. اسپيڪر سردار اياز صادق مخالف ڌر جي وفد کي پنهنجي چيمبر ۾ ڀليڪار چئي، هن جو چوڻ هو ته سياست رڳو وقتي پس منظر ناهي پر ڊگهي مدي جو رشتو آهي جيڪو ڀائيچاري، رواداري ۽ اعتماد تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن چيو ته 2014ع کان اوهان ڀائرن سان رابطي ۾ آهيان، سياست سڄي عمر ناهي ٿيندي، اها ختم ٿي ويندي آهي، اسيمبلي ميمبرن جو اهڙو رشتو هجڻ گهرجي جيڪو سڄي زندگي قائم رهي. مون هر موقعي تي ڳالهين جي ڳالهه ڪئي، ڳالهين سان ئي سمورا مسئلا حل ٿيندا، مخالف ڌر جي وفد طرفان بئريسٽر گوهر علي خان، پي ٽي آءِ جي باني سان سندس خاندان جي ماڻهن کي ملڻ جي اجازت جي معاملي کي اٿاريو. وفد اسپيڪر جي مخالف ڌر ۽ حڪومت وچ ۾ سهولتڪاري جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهڙيون ملاقاتون مستقبل ۾ به ٿينديون رهنديون ته جيئن پارلياماني شراڪت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي کي هٿي ملي.

مزید خبریں