اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. پاڪ ڪتاب جي تلاوت، نعت ۽ قومي تراني کانپوءِ ايجنڊا تي ڪارروائي شروع ٿيندي ئي اپوزيشن ميمبر طرفان ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي. اسپيڪر پهريان ڪورم مڪمل …
قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. پاڪ ڪتاب جي تلاوت، نعت ۽ قومي تراني کانپوءِ ايجنڊا تي ڪارروائي شروع ٿيندي ئي اپوزيشن ميمبر طرفان ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي. اسپيڪر پهريان ڪورم مڪمل ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ٻڌايو ويو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس هاڻي سومر جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.











