اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو سڄو ڌيان هڪ غير قانوني مطالبي تي مرڪوز آهي ته ڪرپشن جي ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ سزا ڪاٽيندڙ باني کان ئي سياسي رهنمائي ورتي وڃي، جيڪو جيل جي ضابطن جي خلاف آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس" …
پي ٽي آءِ ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو سڄو ڌيان هڪ غير قانوني مطالبي تي آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو سڄو ڌيان هڪ غير قانوني مطالبي تي مرڪوز آهي ته ڪرپشن جي ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ سزا ڪاٽيندڙ باني کان ئي سياسي رهنمائي ورتي وڃي، جيڪو جيل جي ضابطن جي خلاف آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سميت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي اهڙو سياسي طريقو اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ صوبي جي ماڻهن لاءِ گورننس جي فراهمي پوئتي هلي وئي آهي ۽ سڄو ڌيان هڪ غير قانوني مطالبي تي مرڪوز آهي ته ڪرپشن جي ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ سزا ڪاٽيندڙ باني کان ئي سياسي رهنمائي ورتي وڃي، جيڪو جيل جي ضابطن جي خلاف آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جو هڪ اهم صوبو هوندي، صوبائي حڪومت جُون پنهنجُون ترجيحُون امن، ترقي ۽ عوامي رليف تي رکي ها، پر پارٽي قيادت ڏينهن رات اسلام آباد ۾ اِن غير قانوني بيانيي جي چوڌاري سياست گھمائيندي رهي. نه رڳو اهو، مُبينه طور تي تحريڪ انصاف جي هڪ عورت سياستدان انتهائي منفي حڪمت عملي تحت افغانستان مان هلندڙ پاڪستان مخالف اڪائونٽس ۽ ڀارتي ميڊيا تي خان صاحب جي حوالي سان هڪ گندي مهم شروع ڪرائي، جنهن سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته اهو رويو پاڪستان سان کليل دشمني آهي ڇوته ان سان ملڪ جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تحريڪ انصاف کي گهُرجي ته ملڪ دُسمن بيانيي ۽ غلط ترجيحن کي ڇڏي هاڻي رياست ۽ عوام جي مفادن کي مٿاهنُون رکي.











