اسلام آباد-28نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ آسٽريليا جي گهرو وزير ٽوني برڪ وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سيڪيورٽي تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڊيو ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ سهڪار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آسٽريلوي هم منصب ٽوني برڪ سان وڊيو لنڪ ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-28نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ آسٽريليا جي گهرو وزير ٽوني برڪ وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سيڪيورٽي تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڊيو ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ سهڪار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انساني اسمگلنگ ۽ غير قانوني چرپر خلاف گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي. وڊيو ڪانفرنس دوران پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز جي آفيسرن جي اداره جاتي صلاحيت ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ تربيتي پروگرامز شروع ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ نيشنل سائبر ڪرائمز انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ ايف آءِ اي سان آسٽريلوي ادارن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي گهرو وزيرن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو. ملاقات ۾ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي آئنده دوري جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن تي گهرو وزير محسن نقوي آسٽريلوي هم منصب کي ٽيم لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن کان آگاهه ڪيو. آخر ۾ گهرو وزير محسن نقوي آسٽريلوي گهرو وزير کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي باضابطه دعوت ڏني جڏهن ته ٻنهي گهرو وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











