وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي نيوٽيڪ جي چيئرپرسن گل مينا بلال احمد سان ملاقات

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرپرسن گل مينا بلال احمد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پوڊا جي سربراهه ثمينه نذير ۽ مشهور آرٽسٽ عصمه ضيا به موجود هئي. ملاقات ۾ عورتن جي معاشي شموليت، ٽيڪنيڪل تربيت، سيڙپڪاري جا موقعا ۽ عورتن جي ملڪيت واري ڪاروبار جي سهولتڪاري جي حوالي سان تفصيلي …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرپرسن گل مينا بلال احمد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پوڊا جي سربراهه ثمينه نذير ۽ مشهور آرٽسٽ عصمه ضيا به موجود هئي. ملاقات ۾ عورتن جي معاشي شموليت، ٽيڪنيڪل تربيت، سيڙپڪاري جا موقعا ۽ عورتن جي ملڪيت واري ڪاروبار جي سهولتڪاري جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته عورتن جي معاشي ترقي پاڪستان جي مجموعي سيڙپڪاري ۾ نمايان اضافو آڻي ٿي. عورتن جي هنرمندي اسان جي معاشي ڍانچي جو مضبوط ٿنڀ آهي ۽ حڪومت انهن لاءِ وڌيڪ سازگار سيڙپڪاري ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. نيوٽيڪ جي چيئرپرسن گل مينا بلال احمد وفاقي وزير کي عورتن لاءِ جاري مختلف ٽيڪينڪل ۽ پروفيشنل ٽريننگ پروگرامز تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نيوٽيڪ عورتن کي جديد مارڪيٽ اسڪلز فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هو ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪاري جي موقعن مان بهتر فائدو کڻي سگهن. ان موقعي تي آرٽسٽ عصمه ضيا پنهنجو هڪ فن پاره خيراتي مقصدن لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ خريد ڪري ورتو. وفاقي وزير چيو ته فن، هنر ۽ سيڙپڪاري کي گڏ ڪري عورتن لاءِ نوان معاشي موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. حڪومت عورتن جي ڪاروبار ۽ تخليقي شعبن کي ڀرپور مدد فراهم ڪندي. پوڊا جي سربراهه ثمينه نذير عورتن جي سماجي ۽ معاشي چئلينجن ۽ انهن جي حل بابت اهم تجويزون پيش ڪيون. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عورتن جي ڪاروباري قدمن، اسڪلز اپ گريڊيشن ۽ سيڙپڪاري تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻايو ويندو، بورڊ آف انويسٽمينٽ عزم ظاهر ڪيو ته وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي قيادت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ عورتن جي معاشي شموليت کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.

مزید خبریں