افغانستان ۾ طالبان جي بجيٽ جو اڌ حصو نام نهاد سيڪيورٽي تي خرچ: ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي)سيڪيورٽي جي نالي تي افغان طالبان جو دهشتگردن جي پٺڀرائي ۽ مالي مدد جو سلسلو عروج تي پهچي ويو، ورلڊ بئنڪ افغان طالبان جي سيڪيورٽي جي نام نهاد دعوائن جي خرچن جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب طالبان جي جعلي سيڪيورٽي دعوائن جي پويان دهشتگردن جي سرپرستي ۽ قومي وسيلن جو بي دردي سان ضايع شامل آهي. افغانستان بابت ورلڊ بئنڪ جي جاري ڪيل …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي)سيڪيورٽي جي نالي تي افغان طالبان جو دهشتگردن جي پٺڀرائي ۽ مالي مدد جو سلسلو عروج تي پهچي ويو، ورلڊ بئنڪ افغان طالبان جي سيڪيورٽي جي نام نهاد دعوائن جي خرچن جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب طالبان جي جعلي سيڪيورٽي دعوائن جي پويان دهشتگردن جي سرپرستي ۽ قومي وسيلن جو بي دردي سان ضايع شامل آهي. افغانستان بابت ورلڊ بئنڪ جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته طالبان جي قبضي هيٺ افغانستان جي قومي بجيٽ جو اٽڪل اڌ حصو سيڪيورٽي تي خرچ ٿيو، 2025ع جي مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ اٽڪل 49 سيڪڙو يعني 75.6 ارب افغاني طالبان انتظاميه جي سيڪيورٽي تي خرچ ٿيا، آڪٽوبر 2025ع ۾ افغانستان ۾ مجموعي حڪومتي خرچ 24.3 ارب تائين پهچي ويا. رپورٽ موجب افغانستان جو آمدني واپار مالي سال 2025ع جي پهرين 7 مهينن ۾ 21 سيڪڙو وڌي 7.6 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو، سيڪيورٽي جي بهاني افغان عوام تي ظلم، تشدد ۽ دهشتگرداڻين سرگرمين جو تسلسل طالبان جي سڃاڻپ آهي. دهشتگرداڻين سرگرمين جي ڪري افغانستان کي نه رڳو پاڪستان پر عالمي برادري به سنگين خطرو قرار ڏئي چڪي آهي.

مزید خبریں