ايس آءِ ايف سي جي تعاون سان پاڪستان ۽ آسٽريليا جو تاريخي قدم، ٻطرفو سيڙپڪاري معاهدو حتمي مرحلي ۾ داخل

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي بهترين سهولتڪاري سان پاڪستان ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. تفصيل موجب پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ نئين سيڙپڪاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ ڌرين جي وفدن ڳالهين واري مسودي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ٻئي ملڪ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ معدنيات ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي بهترين سهولتڪاري سان پاڪستان ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. تفصيل موجب پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ نئين سيڙپڪاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ ڌرين جي وفدن ڳالهين واري مسودي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ٻئي ملڪ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ معدنيات ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ موثر قدمن جو جائزو وٺي رهيا آهن. هي معاهدو پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڊگهي مدي وارو اقتصادي تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ آهي. ان حوالي سان وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري پاليسي سڌارن جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، حڪومت عالمي طريقيڪار سان هم آهنگ جديد سيڙپڪاري ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته هي معاهدو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ بهترين ماحول تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جو ثبوت آهي. ايس آءِ ايف سي جي تعاون سان پاڪستان تي پرڏيهي سيڙپڪارن جو وڌندڙ اعتماد معاشي استحڪام جي نشاني آهي.

مزید خبریں