راولپنڊي - 27 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي هڪ آپريشن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 22 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج …
سيڪيورٽي فورسز ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 22 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
راولپنڊي – 27 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي هڪ آپريشن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 22 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارج جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي هڪ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻي کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 22 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي ڀارتي سرپرستي يافته خوارج جي موجودگي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ”عزمِ استحڪام“ ويزن تحت دهشتگردي جي خاتمي جي مهم کي مڪمل رفتار سان جاري رکندا ته جيئن ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ مان حمايت يافته دهشتگردي جي خاتمي کي يقيني بڻائي سگهجي.











