قرآن حڪيم هدايت جو سرچشمو آهي، ان تي عمل ڪري اسان دنيا ۽ آخرت جون ڪاميابيون ميڙي سگهون ٿا: سردار اياز صادق

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قرآن حڪيم هدايت جو سرچشمو آهي، ان جي تعليم تي عمل ڪري اسان دنيا ۽ آخرت جون ڪاميابيون ميڙي سگهون ٿا. حسن قرائت جي عالمي مقابلي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن بابرڪت تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي. تقريب ۾ شرڪت ڪري دلي خوشي ٿي. حسن قرائت …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قرآن حڪيم هدايت جو سرچشمو آهي، ان جي تعليم تي عمل ڪري اسان دنيا ۽ آخرت جون ڪاميابيون ميڙي سگهون ٿا. حسن قرائت جي عالمي مقابلي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن بابرڪت تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي. تقريب ۾ شرڪت ڪري دلي خوشي ٿي. حسن قرائت جي عالمي مقابلي ۾ 37 ملڪن جي قارين جي شرڪت ساراهه جوڳي آهي. هي تقريب نه صرف حسن قرائت جو مقابلو هو پر مسلم دنيا جي اتحاد جو اهڃاڻ به آهي. هن چيو ته ان بابرڪت تقريب ۾ شرڪت لاءِ دعوت تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. قرآن مجيد جي قرائت جي سلسلي ۾ اڄ هتي گڏ ٿيا آهيون. قرآن پاڪ هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي. قرآن حڪيم انسانيت کي جهالت جي اونداهين مان ڪڍيو ۽ اهوئي اسان لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي. قرآن مجيد جي قرائت دل جو سڪون ۽ راحت جو سبب آهي. قرآن مجيد جي تعليم تي عمل ڪري دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿي سگهجي ٿو. اسپيڪر قرائت جي عالمي مقابلي ۾ شريڪ قارين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ اسپيڪر مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، مذهبي معاملن واري سيڪريٽري سيد عطاءُ الرحمان مقابلي جي ملڪي ۽ غير ملڪي منصفن پاڪستان سميت 37 ملڪن جي قاري سڳورن کي شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس ڏنا. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير، سردار اياز صادق کي به عالمي قرائت واري مقابلي ۾ شرڪت تي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.

مزید خبریں