قومي اسيمبليءَ ۾ ڀارت جي بچاءَ واري وزير طرفان سنڌ بابت جملن خلاف مذمتي قرارداد منظور

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ ڀارت جي بچاءَ واري وزير طرفان سنڌ بابت جملن خلاف مذمتي قرارداد جي منظوري ڏني وئي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اسد عالم نيازي ان حوالي سان ايوان ۾ قرارداد آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجازت ملڻ تي هن قرارداد جو متن ايوان ۾ پڙهي ٻُڌايو، جنهن جي ايوان اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ ڀارت جي بچاءَ واري وزير طرفان سنڌ بابت جملن خلاف مذمتي قرارداد جي منظوري ڏني وئي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اسد عالم نيازي ان حوالي سان ايوان ۾ قرارداد آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجازت ملڻ تي هن قرارداد جو متن ايوان ۾ پڙهي ٻُڌايو، جنهن جي ايوان اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو ته هي ايوان ان بيانن جي سخت مذمت ڪري ٿو جن ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي ته سنڌ هڪ ڏينهن ڀارت ڏانهن وڃي سگهي ٿي ۽ هي ته سنڌ جي وادي جي تهذيب هميشه کان ڀارت جو حصو رهي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي بيان تاريخي طور غلط، سياسي طور غير ذميداراڻو ۽ پاڪ ڀارت خطي جي تسليم ٿيل جاگرافيائي ۽ سياسي حقيقتن جي ابتڙ آهن. ايوان ان ڳالهه کي ورجايو ته سنڌ پاڪستان جي خودمختيار رياست جو لازمي ۽ اڻٽٽ حصو آهي ۽ هنن زور ڀريو ته گمراهه ڪندڙ ۽ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ بيانن کان پاسو ڪيو وڃي.

مزید خبریں