اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يورپي يونين جي مانيٽرنگ وفد جي ايس پي پلس ڊائريڪٽوريٽ جي صلاحڪار سرجيو بليبريا جي اڳواڻي ۾ انساني حقن واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ يورپي يونين جو سفير رائمونڊاس ڪاروبلس سميت ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير يورپي يونين جي مانيٽرنگ وفد جي آجيان ڪئي. …
پاڪستان جو يورپي يونين جي وفد سان جي ايس پي پلس ۽ انساني حقن جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يورپي يونين جي مانيٽرنگ وفد جي ايس پي پلس ڊائريڪٽوريٽ جي صلاحڪار سرجيو بليبريا جي اڳواڻي ۾ انساني حقن واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ يورپي يونين جو سفير رائمونڊاس ڪاروبلس سميت ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير يورپي يونين جي مانيٽرنگ وفد جي آجيان ڪئي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي ايس پي پلس فريم ورڪ لاءِ پاڪستان جي مضبوط وابستگيءَ جي عزم کي ورجايو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان يورپي يونين جي حصيداري، حڪمرانيءَ ۾ سڌارن، اداره جاتي مضبوطي ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. جي ايس پي پلس جو سڀ کان وڏو فائدو حاصل ڪندڙن ۾ شامل ٿيڻ جي ناتي پاڪستان ان پروگرام جي انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ ملڪي قانونن کي عالمي معيار موجب اختيار ڪرڻ جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير ملڪي، آئيني ۽ قانوني خدشن کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان جي هاڻوڪي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جو ميمبر چونڊجڻ کي عالمي برادريءَ جي اعتماد جي علامت قرار ڏنو. وفد کي 2014ع کان هن وقت تائين ٿيل اهم قانونسازي ۽ پاليسي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ عورتن، ٻارن، مزدورن، پُٺتي پيل طبقن ۽ معذور ماڻهن لاءِ مضبوط خدشا شامل آهن. پاڪستان انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ دهشتگرديءَ خلاف قدمن ۽ ماحولياتي تبديلي جي چئلينجز باوجود گڏيل قومن جي ادارن سان تعاون جاري رکڻ جو عزم ورجايو. اداره جاتي اڳڀرائيءَ ۾ نمايان طور انساني حقن بابت نيشنل ڪميشن جو اي گريڊ برقرار رکڻ، ٻارن جي حقن بابت نيشنل ڪميشن ۽ عورتن جي حقن بابت نيشنل ڪميشن جي خودمختيار حيثيت شامل آهي. قومي ۽ صوبائي سطح تي انساني حقن ۽ ڪاروبار بابت قومي ايڪشن پلانز تي عمل جاري آهي. صنفي برابري کي هٿي وٺرائڻ جا قدم به پيش ڪيا ويا، جن ۾ قومي صنفي پاليسي فريم ورڪ 2022ع، صنفي بجيٽ سازي ۽ صوبائي قدم شامل آهن. اهم پروگرام جهڙوڪ بينظير امدادي پروگرام جنهن سان 9.1 ملين عورتن کي فائدو پهتو ۽ وزيراعظم عورتن کي بااختيار بڻائڻ وارو پيڪيج، عورتن جي معاشي شموليت ۾ اهم حيثيت رکندڙ آهي. ٻارن جي حقن جي حوالي سان اڳڀرائيءَ تي روشني وڌي وئي جنهن ۾ ٻارن جي حقن بابت نيشنل ڪميشن، زارا ايپليڪيشن ۽ ٻارن جي تحفظ جا ادارا شامل آهن، سان ئي هاڻوڪي طور ٻارن جي شاديءَ تي پابندي جو قانون لاڳو پڻ ڪيو ويو. ٻارن کان مزدوري، آن لائن استحصال ۽ تعليم کان محروم ٻارن جي مسئلن جي حل لاءِ قدم جاري آهن. پاڪستان اظهار راءِ ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي حفاظت جي عزم کي ورجايو. صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي نيشنل ڪميشن جي معاونت حاصل آهي. حساس انساني حقن جي قدمن ۾ فوجداري سزائن ۾ گهٽتائي، مرسي پٽيشن پاليسي لاڳو ڪرڻ، تشدد ۽ حراستي موت جي قانون جي عملداري ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي جاچ ۾ 85 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيسن جا حل شامل آهن. مباحثي دوران وفد ملڪ ۾ انساني حقن جي حوالي سان وڌيڪ توجهه جي قابل شعبن ۽ اهم مسئلن جي نشاندهي ڪئي جن لاءِ حڪومت جي ڪارروائي ضروري آهي. پاليسين، قانونن ۽ مضبوط ادارن جي ضرورت ته جيئن پاڪستان پنهنجي 27 بنيادي گڏيل قومن جي ڪنوينشنز تحت ذميدارين کي مؤثر طريقي سان پورو ڪري سگهي. وفاقي وزير وفد کي خاطري ڪرائي ته پاڪستاني حڪومت ان ذميدارين جي مڪمل پابند آهي ۽ هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي موجوده چئلينجز ۽ مستقبل جا منصوبا وفد سان تفصيلي شيئر ڪيا ويندا. وفاقي وزير ڊيٽا جي مربوط نظام، بين الصوبائي هم آهنگي معاهدن جي وقت سر رپورٽنگ ۽ لاڳو ڪرڻ جي مضبوط طريقيڪار جي حوالي سان يورپي يونين جي تعميري تجويزن جي آجيان ڪئي. پاڪستان ان نُڪتن کي نظر ۾ رکيو ۽ رپورٽنگ جي بهتر نظام، صوبائي شموليت ۽ قانوني پاليسي لاڳو ڪرڻ جي مضبوط نگرانيءَ ذريعي اڳڀرائيءَ کي اڳتي وڌايو پيو وڃي. حڪومت حوق پاڪستان پروجيڪٽ تحت جاري يورپي يونين پاڪستان تعاون کي به ساراهيو جيڪو اداره جاتي صلاحيت، شڪايتي نظام، ڊيٽا سسٽمز ۽ معاهدن جي تعميل جي حمايت ڪري ٿو. حڪومت يورپي يونين جي تعميري شموليت تي پنهنجي قدردانيءَ جو اظهار ڪيو ۽ جي اس پي پلس جي اڳڀرائيءَ کي برقرار رکڻ، انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ جامع حقن تي ٻڌل ۽ پائيدار مستقبل کي هٿي ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.











