پاڪستان، گڏيل عرب امارتن سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي نهايت قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان، گڏيل عرب امارتن سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي نهايت قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪو گڏيل اعتماد، گڏيل مذهبي، ثقافتي قدرن ۽ سياسي، معاشي، سماجي ۽ پارلياماني تعاون جي ڏهاڪن تي ٻَڌل مضبوط بنيادن تي موجود آهن. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ گڏيل عرب امارتن جي سفير سالم محمد اسالم البواب الزعابي …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان، گڏيل عرب امارتن سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي نهايت قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪو گڏيل اعتماد، گڏيل مذهبي، ثقافتي قدرن ۽ سياسي، معاشي، سماجي ۽ پارلياماني تعاون جي ڏهاڪن تي ٻَڌل مضبوط بنيادن تي موجود آهن. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ گڏيل عرب امارتن جي سفير سالم محمد اسالم البواب الزعابي سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. سينيٽ چيئرمين گڏيل عرب امارتن جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين اسلام آباد ۾ رٿيل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ گڏيل عرب امارتن جي خصوصي شرڪت ۽ فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته گڏيل عرب امارتن جي ڀرپور شرڪت ڪانفرنس جي مباحثي کي وڌيڪ مؤثر بڻايو ۽ علائقائي يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ جي پُختي عزم کي اجاگر ڪيو. سينيٽ چيئرمين مستقبل جي حوالي سان هڪ پليٽ فارم طور آءِ ايس سي جي ڪردار تي زور ڀريو جيڪو عالمي چئلينجز سان اجتماعي طور مُنهن ڏيڻ لاءِ پارلياماني اڳواڻن کي گڏ ڪري ٿو. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڻوڪن سالن ۾ وڌندڙ سفارتي سرگرمين جي آجيان ڪندي ان کي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن جو مظهر قرار ڏنو. هن چيو ته اپريل 2025ع ۾ شيخ عبدالله بن زيد النهيان جو پاڪستان ۽ شيخ خالد بن محمد بن زيد النهيان جي دؤري پاڪستان ۽ امارات جي دوستيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارتن جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زيد النهيان جي ايندڙ پاڪستان جي دؤري جا منتظر آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 2025ع ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل واپار 10.1 ملين آمريڪي ڊالر تائين پهچي وئي آهي جيڪا هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. هن واپار، توانائي، ٽيڪنالاجي، سياحت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ اماراتي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ تي زور ڀريو. گڏيل عرب امارتن جي سفير پاڪستان کي هڪ اهم معاشي حصيدار قرار ڏيندي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ اڳڀرائي وڌائڻ تي مڪمل راضپو ظاهر ڪيو. هن سينيٽ چيئرمين کي وزيراعظم پاڪستان طور خدمتن جو حوالو ڏيندي چيو ته ان دؤر ۾ پاڪستان عرب امارت لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا.

مزید خبریں