ايف آءِ اي ۽ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان وچ ۾ مني لانڊرنگ جي روڪٿام ۽ مؤثر ڪارروائيءَ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ايف آءِ اي ۽ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان وچ ۾ مني لانڊرنگ جي روڪٿام ۽ مؤثر ڪارروائيءَ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. مفاهمتي يادداشت تي ايف آءِ اي طرفان ايڊيشنل ڊي جي اينٽي مني لانڊرنگ ونگ ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان ۽ ايس اي سي پي طرفان ڪمشنر عبدالرحمان وڙائچ صحيحون ڪيون. ايم او يو تحت ايس اي سي پي مني لانڊرنگ …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ايف آءِ اي ۽ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان وچ ۾ مني لانڊرنگ جي روڪٿام ۽ مؤثر ڪارروائيءَ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. مفاهمتي يادداشت تي ايف آءِ اي طرفان ايڊيشنل ڊي جي اينٽي مني لانڊرنگ ونگ ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان ۽ ايس اي سي پي طرفان ڪمشنر عبدالرحمان وڙائچ صحيحون ڪيون. ايم او يو تحت ايس اي سي پي مني لانڊرنگ بابت سمورا ريفرنس سڌيءَ ريت ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ ونگ کي موڪليندي. ايم ايو يو تحت ايس اي سي پي اسلام آباد ۾ مني لانڊرنگ ريفرل يونٽ عمل ۾ آڻيندي. مني لانڊرنگ ريفرل يونٽ ذريعي ايس اي سي پي مني لانڊرنگ جا سمورا ريفرنس ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ ونگ کي موڪليندي. ايس اي سي پي جاچ تي ڊڪيٽ ڏوهن ۾ مني لانڊرنگ ڪندڙن جي جاچ جا سمورا ريفرنس ايف آءِ اي کي موڪليندي. ايف آءِ اي ۽ ايس اي سي پي وچ ۾ هي معاهدو مني لانڊرنگ جي جاچ جي عمل کي وقت سر، شفاف، مؤثر ۽ پيشيوراڻي انداز ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ان قدم سان ڏوهن جي مالي ٽريل کي جاچڻ ۽ غير قانوني مالياتي وهڪري کي روڪڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ممڪن ٿيندي. هي قدم ملڪ ۾ مالياتي شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ ايف آءِ اي جي منظم ڪوششن جو اظهار آهي. ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ ونگ ايس اي سي پي جي آفيسرن کي مني لانڊرنگ جاچ ۽ جديد تحقيقاتي طريقيڪار تي خصوصي تربيت فراهم ڪندي. ٽريننگ ۾ ريفرل سسٽم، ڪيس مئنجمينٽ ۽ مالياتي تجزيي جي جديد گهرجن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. گڏيل تربيت سان ادارن وچ ۾ ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. ايف آءِ اي مني لانڊرنگ خلاف قومي سطح تي اداره جاتي هم آهنگي وڌائڻ لاءِ ڪوشان آهي. ايف آءِ اي جي اها ڪوشش فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ”ايف اي ٽي ايف“ جي هدايتن ۽ عالمي معيار موجب آهن. مني لانڊرنگ جي روڪٿام مالياتي شفافيت ۽ قومي سلامتيءَ جي تحفظ کي ايف آءِ اي پنهنجي پهرين ترجيح سمجهي ٿي. ايف آءِ اي مني لانڊرنگ خلاف زيرو ٽالرنس پاليسيءَ تي عمل ڪري رهي آهي.

مزید خبریں