استنبول-27 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته واپاري سهولتن ۾ واڌ، بهتر علائقائي رابطن، قانونن ۾ هم آهنگي سان اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. اي سي او خطي ۾ اقتصادي انضمام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نهايت اهم پليٽ فارم آهي. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب مواصلات واري وفاقي وزير پنجين اي سي او وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن اي …
واپاري سهولتن ۾ واڌ، بهتر علائقائي رابطن، قانونن ۾ هم آهنگي سان اقتصادي ترقي ممڪن آهي: عبدالعليم خان

مزید خبریں
استنبول-27 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته واپاري سهولتن ۾ واڌ، بهتر علائقائي رابطن، قانونن ۾ هم آهنگي سان اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. اي سي او خطي ۾ اقتصادي انضمام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نهايت اهم پليٽ فارم آهي. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب مواصلات واري وفاقي وزير پنجين اي سي او وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن اي سي او وزارتي اجلاس ۾ ڪامرس پرڏيهي واپار ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس 14 سالن جي وقفي کانپوءِ استنبول ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن پاڪستان جي علائقائي واپاري تعاون جي عزم کي ورجايو. ان موقعي تي عبدالعليم خان چيو ته اي سي او خطي ۾ اقتصادي انضمام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نهايت اهم پليٽ فارم آهي. واپاري سهولتن ۾ واڌ، بهتر علائقائي رابطا، قانونن ۾ هم آهنگي سان اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. ”ايڪوٽا“ ڳالهين واري اسٽريٽجي ۽ استنبول پڌرائيءَ تي اتفاق واپاري فريم ورڪ لاءِ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت 2 اهم رياستي معاهدن جي منظوري ڏني آهي. پاڪستان اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت جي منظوري ڏني آهي. ٻيو معاهدو جنهن جي منظوري ڏني وئي ڪسٽمز انتظاميه وچ ۾ گڏيل تعاون جو معاهدو شامل آهي. اهي قدم اي سي او جي واپاري شڪل کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار هوندا.











