ايم 25 بلوچستان لاءِ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ هن وقت تائين 66 ارب رپيا جمع ٿي چڪا آهن: علي پرويز ملڪ

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پيٽروليم واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته ايم 25 بلوچستان لاءِ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ هن وقت تائين 66 ارب رپيا جمع ٿي چڪا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڪامل علي آغا ۽ ٻين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ايم 25 بلوچستان لاءِ پيٽروليم ليوي لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، ان …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پيٽروليم واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته ايم 25 بلوچستان لاءِ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ هن وقت تائين 66 ارب رپيا جمع ٿي چڪا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڪامل علي آغا ۽ ٻين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ايم 25 بلوچستان لاءِ پيٽروليم ليوي لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، ان مد ۾ هن وقت تائين 66 ارب رپيا جمع ٿي چڪا آهن. هن جمع ٿيل رقم کي خرچ ڪرڻ جو اختيار رٿابندي ۽ ناڻي واري وزارت وٽ آهي. ان مد ۾ اڃا به 7 کان 8 رپيا في ليٽر ليوي وصول ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں