اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا نشانِ امتياز ”ملٽري“ چيو آهي ته اسان جي ڀرپاسي دنيا هڪ ناقابل تصور رفتار سان تبديل ٿي رهي آهي، ان حالتن ۾ اسان جي هٿياربند فوج کي وڌيڪ هم آهنگي، گڏيل تعاون ۽ مڪمل مقصد لاءِ تيار رهڻو پوندو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب اهڙو اظهار هن پنهنجي …
اسان جي ڀرپاسي دنيا هڪ ناقابل تصور رفتار سان تبديل ٿي رهي آهي: جنرل ساحر شمشاد مرزا

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا نشانِ امتياز ”ملٽري“ چيو آهي ته اسان جي ڀرپاسي دنيا هڪ ناقابل تصور رفتار سان تبديل ٿي رهي آهي، ان حالتن ۾ اسان جي هٿياربند فوج کي وڌيڪ هم آهنگي، گڏيل تعاون ۽ مڪمل مقصد لاءِ تيار رهڻو پوندو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب اهڙو اظهار هن پنهنجي مانُ ۾ رٿيل جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز ۾ الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو ته اسان جي ڀرپاسي دنيا هڪ ناقابل تصور رفتار سان تبديل ٿي رهي آهي، ان تبديليءَ سان اسان جي اندرين ۽ ٻاهرين آزمائشن تي گهرا اثر پئجي رهيا آهن. هي اثر هائبرڊ ڇڪتاڻ کان وٺي جنگ تائين ٻَڌل آهن. هن چيو ته ان حالتن ۾ اسان جي هٿياربند فوج کي وڌيڪ هم آهنگي، گڏيل تعاون ۽ مڪمل مقصد سان تيار رهڻو پوندو. جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو ته مان هٿياربند فوج وچ ۾ هم آهنگي، گڏيل حڪمت عملي ۽ تعاون کي هڪ اهم ضرورت سمجهان ٿو نه ڪي هڪ خواهش، هي مستقبل جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ اڻٽر تنظيمي اصلاح آهي. جنرل ساحر شمشاد مرزا ان موقعي تي زور ڀريندي چيو ته مان ان ڳالهه کي ضروري سمجهان ٿو ته هڪ مڪمل بااختيار ۽ مناسب صلاحيت سان تيار هٿياربند فوج نظام لاءِ هڪ عملي ضرورت آهي. اسان جي فوج کي مربوط حڪمت عمليءَ سان مستقبل جي جنگين لاءِ تيار رهڻو پوندو. ٽنهي هٿياربند فوجن خاص ڪري جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز لاءِ پنهنجون نيڪ تمنائون ۽ دُعائون پڻ پيش ڪريان ٿو. جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو ته هي ڍانچو جهڙيءَ طرح به قائم ڪيو وڃي ان کي پنهنجي نَون ذميدارين کي ايمانداري ۽ عزم سان پورو ڪرڻ گهرجي.











