اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، خيبر پختونخوا لاءِ وزيراعظم جي اطلاعات بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان جي امڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، اختيار ولي ۽ ان جي ڪٽنب جي نالي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مرحومه جي لاڏاڻي کي خاندان لاءِ نقصان ۽ عظيم صدمو …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران اختيار ولي خان جي امڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، خيبر پختونخوا لاءِ وزيراعظم جي اطلاعات بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان جي امڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، اختيار ولي ۽ ان جي ڪٽنب جي نالي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مرحومه جي لاڏاڻي کي خاندان لاءِ نقصان ۽ عظيم صدمو قرار ڏيندي چيو ته امڙ جو پاڇو هٽي وڃڻ انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان تڪليف ڏيڻ وارو صدمو هوندو آهي. والدين خاص ڪري امڙ جي شفقت جو دنيا ۾ ڪوبه متبادل ناهي. هن چيو ته غم ۽ ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ اختيار ولي ۽ سندس ڪٽنب سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اسپيڪر اياز صادق الله تعاليٰ کان مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ وارثن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.











