ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني پاڪستان جي دوري دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 27 نومبر (اي پي پي) ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني 25 کان 26 نومبر تائين پاڪستان جي دوري دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ سان وفدن جي سطح تي باضابطا ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر، وزيراعظم، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، نائب وزيراعظم/ پرڏيهي …

اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني 25 کان 26 نومبر تائين پاڪستان جي دوري دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ سان وفدن جي سطح تي باضابطا ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر، وزيراعظم، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سان پڻ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني پاڪستاني قيادت سان ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پراڻي رشتن ۽ گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل لاڳاپن کي ساراهيو آهي. ڌرين سياسي رابطن، واپار ۽ معاشي تعاون، دهشتگردي جي اتمي، سرحدي سيڪيورٽي، علائقائي رابطن ۽ عوامي ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن تعميري ڊائيلاگ، ويجهي رابطاڪاري ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا، هي دورو پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ موجود مثبت لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، گڏيل اعتماد وڌائڻ ۽ ٻطرفي تعاون جي وسيع امڪانن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ٿيندو.

مزید خبریں