گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران هنگو چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿي ويل 3 پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي هنگو ۾ چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ شهيد ٿي ويل 3 پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير شهيد اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته شهيد اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هي قربانيون دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي هنگو ۾ چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ شهيد ٿي ويل 3 پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير شهيد اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته شهيد اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هي قربانيون دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي پُختي عزم جو ثبوت آهن. هن چيو ته خيبر پختونخوا پوليس دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ڪي پي ڪي پوليس دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن تي آهي.

مزید خبریں