چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد جي ريلوي واري وفاقي وزير سان ملاقات

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ريلوي واري وزارت ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي. ريلوي واري وزير ريلوي جي موجوده منصوبن، عملي قدمن ۽ مستقبل جي ويزن تي کيس تفصيلي بريفنگ ڏني. مولانا عبدالخبير آزاد ريلوي واري وزير کي ريلوي ۾ سڌارا جاتي قدمن ۽ ترقياتي رٿائن تي مبارڪون ڏنيون. مولانا عبدالخبير آزاد جو …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ريلوي واري وزارت ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي. ريلوي واري وزير ريلوي جي موجوده منصوبن، عملي قدمن ۽ مستقبل جي ويزن تي کيس تفصيلي بريفنگ ڏني. مولانا عبدالخبير آزاد ريلوي واري وزير کي ريلوي ۾ سڌارا جاتي قدمن ۽ ترقياتي رٿائن تي مبارڪون ڏنيون. مولانا عبدالخبير آزاد جو چوڻ هو ته ريلوي ۾ جاري ترقي ۽ سڌارا عوام ۽ ملازمن لاءِ ساراهه جوڳيون آهن. مولانا عبدالخبير آزاد ريلوي واري وفاقي وزير جي اڳواڻي ۽ ڪوششن کي ساراهيندي وڌيڪ ڪاميابين لاءِ دُعا ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي صورتحال، امن، ترقي ۽ ريلوي جي سگهه وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں