منامه-27 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بحرين جي هم منصب جنرل شيخ راشد بن عبدالله آل خليفه سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن، علائقائي سلامتي ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن منشيات جي خاتمي جي شعبي ۾ ويجهو تعاون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سگهه وڌائڻ ۽ ڄاڻ …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير جي بحريني هم منصب جنرل شيخ راشد بن عبدالله آل خليفه سان ملاقات

مزید خبریں
منامه-27 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بحرين جي هم منصب جنرل شيخ راشد بن عبدالله آل خليفه سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن، علائقائي سلامتي ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن منشيات جي خاتمي جي شعبي ۾ ويجهو تعاون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سگهه وڌائڻ ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا کي مؤثر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. گهرو وزير محسن نقوي بحريني هم منصب جي گرمجوشي سان ميزبانيءَ تي ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان سان سيڪيورٽي ۽ استحڪام جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم کي ساراهيو. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا، گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي ادارن وچ ۾ ويجهو رابطو، خطي ۾ امن، سلامتيءَ لاءِ اڻٽر آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد ۽ محفوظ مستقبل لاءِ حصيداري وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو.











