پاڪستان جو پهريون حسن قرئت جو عالمي مقابلو پڄاڻي تي پهتو

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جو پهريون حسن قرئت جو عالمي مقابلو پڄاڻي تي پهتو، پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر آيل قارين جو اعلان سڀاڻي 29 نومبر تي پڄاڻي واري تقريب ۾ ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن ڪنوينشن سينٽر ۾ حسن قرئت جو فائنل منعقد ٿيو جنهن ۾ ٽن ڏينهن دوران دنيا جي 37 اسلامي ملڪن جي قارين مان عالمي شهرت يافته قاري سيد صداقت علي جي سربراهي ۾ …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جو پهريون حسن قرئت جو عالمي مقابلو پڄاڻي تي پهتو، پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر آيل قارين جو اعلان سڀاڻي 29 نومبر تي پڄاڻي واري تقريب ۾ ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن ڪنوينشن سينٽر ۾ حسن قرئت جو فائنل منعقد ٿيو جنهن ۾ ٽن ڏينهن دوران دنيا جي 37 اسلامي ملڪن جي قارين مان عالمي شهرت يافته قاري سيد صداقت علي جي سربراهي ۾ قائم ججز ڪميٽي 10 قارين جا نالا ٽاپ ٽين لاءِ چونڊيا هئا. گذريل ڏينهن فائنل مقابلي ۾ بنگلاديش جي محمد ميزان الرحمان، شام جي محمد سعد عيد، ايران جي عدنان مومنين خميسي، مراڪش جي ايوب الا، عراق جي مصطفيٰ عماد حميد الحمدان، ترڪيه جي طيب هوس، ملائيشيا جي ايمان رضوان بن محمد رملان، انڊونيشيا جي الهام محمود، افغانستان جي عبد الرب ايوبي ۽ پاڪستان جي قاري عبدالرشيد حصو ورتو. واضح رهي ته قرئت حسن جي عالمي مقابلي جي شروعات سومر 24 نومبر تي ٿي هئي جنهن ۾ دنيا جي 37 ملڪن جي 25 کان 35 سالن جي عمر جي قارين حصو ورتو، وزارت جي ترجمان موجب پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر آيلن جو اعلان سڀاڻي 29 نومبر تي پڄاڻي واري تقريب ۾ ڪيو ويندو، جنهن ۾ پوزيشن هولڊرز کي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويندو.

مزید خبریں