اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان طرفان اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي باقائدي منظوري ڏني وئي. تقريب ۾ پاڪستان، ترڪيه، ايران ۽ ڪرغزستان گڏيل طور …
اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم مفاهمت، پاڪستان، ترڪيه، ايران ۽ ڪرغزستان وچ ۾ معاهدا طئي

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان طرفان اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي باقائدي منظوري ڏني وئي. تقريب ۾ پاڪستان، ترڪيه، ايران ۽ ڪرغزستان گڏيل طور مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون جنهن جو بنيادي مقصد گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ، مارڪيٽ بابت معلومات جي مٽاسٽا بهتر بڻائڻ ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ڪسٽمز انتظاميه وچ ۾ گڏيل تعاون جو هڪ ڌار معاهدو پڻ ٿيو جنهن تي به صحيحون ٿيون، جنهن تحت ڪسٽمز جي طريقيڪار ۾ هم آهنگي پيدا ڪئي ويندي ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ عمل ۾ تعاون کي هٿي ڏني ويندي ۽ سرحد پار واپار جي مؤثر ۽ تيز رفتار چُرپر کي يقيني بڻايو ويندو. شرڪت ڪندڙن ان معاهدي کي خطي ۾ اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ، واپاري رڪاوٽن ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو.











