ڪراچي - 27 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ڪراچي ۾ گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل عتيق الريميثي بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب هن خاتون اول کي 2 ڊسمبر تي گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ باضابطا دعوت ڏني. خاتون اول دعوت تي قونصل …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ڪراچي ۾ گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل عتيق الريميثي جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي – 27 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ڪراچي ۾ گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل عتيق الريميثي بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب هن خاتون اول کي 2 ڊسمبر تي گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ باضابطا دعوت ڏني. خاتون اول دعوت تي قونصل جنرل جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن خاص طور تي عورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ ٻارن جي حقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هو.











