عالمي مالياتي ادارن سان پاڪستان جي حصيداري ۾ يو اي اي جي اهم مدد واکاڻ جوڳي آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته واپار، سيڙپڪاري، مٽاسٽا جي ناڻي، بين الحڪومتي تعاون ۽ عالمي مالياتي ادارن سان پاڪستان جي حصيداري ۾ يو اي اي جي اهم مدد واکاڻ جوڳي آهي، پاڪستان يو اي اي سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ناڻي واري وزير اهڙو اظهار گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ متحده عرب امارات جي …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته واپار، سيڙپڪاري، مٽاسٽا جي ناڻي، بين الحڪومتي تعاون ۽ عالمي مالياتي ادارن سان پاڪستان جي حصيداري ۾ يو اي اي جي اهم مدد واکاڻ جوڳي آهي، پاڪستان يو اي اي سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ناڻي واري وزير اهڙو اظهار گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ متحده عرب امارات جي نئين سفير سالم ايم سالم البواب الزابي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. متحده عرب امارات جي نئين سفير پاڪستان ۾ پنهنجون سفارتي ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ گرمجوشي سان آجيان تي شڪريو ادا ڪيو، پاڪستان ۽ يو اي اي جي عوام وچ ۾ مضبوط تاريخي رابطن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي پيشيوراڻي مهارت رکندڙ ماڻهن يو اي اي ۾ بئنڪاري، ماليات، دفاع ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن سميت مختلف شعبن ۾ ڊگهي عرصي تائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته خاص ڪري اسٽريٽجڪ، معاشي ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سندس سفارتي ترجيح رهندو. ناڻي واري وزير نئين سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان يو اي اي سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، هن واپار، سيڙپڪاري، مٽاسٽا ۽ بين الحڪومتي تعاون ۽ عالمي مالياتي ادارن سان پاڪستان جي حصيداري ۾ يو اي اي جي اهم مدد کي ساراهيو. ناڻي واري وزير ٻنهي ملڪن جي قيادت وچ ۾ تازي اعليٰ سطح جي رابطن کي به پراڻن ۽ مستحڪم لاڳاپن جي علامت قرار ڏنو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معاشي پاليسي جو رخ واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ تي آهي ۽ روايتي تعاون سان اڳتي وڌي رهي آهي. هن بندرگاهن، ڊجيٽل بئنڪاري، لاجسٽڪس ۽ بنيادي ڍانچي جهڙن اهم شعبن ۾ جاري يو اي اي جي سيڙپڪاري کي ساراهيو ۽ يو اي اي جي خودمختيار فنڊز، نجي شعبي ۽ عالمي ڪمپنين جي وڌيڪ شموليت جي حوصلا افزائي ڪئي. هن آءِ ٽي، اي آءِ، فِن ٽيڪ، زراعت، معدنيات، لاجسٽڪس ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون جي وسيع امڪانن کي به اجاگر ڪيو. يو اي اي جي سفير ناڻي واري وزير کي ٻڌايو ته معاشي تعاون ۾ اضافو سندس اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن ٻطرفو واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ، پاڪستاني ڪاروباري ادارن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي يو اي اي ۾ پنهنجي موجودگي وڌائڻ، ۽ يو اي اي جي وڌيڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان آڻڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن زراعت، انفرا اسٽرڪچر، مائننگ، بندرگاهن، مالياتي خدمتن ۽ ورچوئل اثاثن سميت مختلف شعبن ۾ جاري سرگرمين جو حوالو پڻ ڏنو. سفير پاڪستاني شهرين لاءِ يو اي اي حڪومت جي اهم ويزا پاليسي سڌارن تي به بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته روزانو اٽڪل 500 ويزا پراسيس ٿي رهيا آهن ۽ آن لائن ويزا پراسيسنگ، پاسپورٽ تي اسٽيمپنگ کانسواءِ اي ويزا ۽ پاڪستاني ادارن سان بهتر سسٽم ٽو سسٽم لنڪيجز جهڙن قدمن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪاروباري ماڻهن ۽ ٻين مسافرن لاءِ سفر کي وڌيڪ آسان بڻائي سگهجي. پاڪستان ۾ نئون قائم ڪيل يو اي اي ويزا سينٽر به پراسيسنگ ۾ تيزي آڻڻ ۾ مددگار ٿيندو. ناڻي واري وزير ان اڳڀرائي جي آجيان ڪندي چيو ته يو اي اي عالمي سطح تي سيڙپڪاري، واپاري نمائشن ۽ ٽيڪنالاجي ايڪسپوز جو وڏو مرڪز آهي ۽ ان ڏس ۾ بهتر سفري سهولتون ڪاروباري رابطن کي وڌائڻ لاءِ اهم آهن. ملاقات ۾ دفاعي تعاون، تربيتي مٽاسٽا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي، عسڪري رابطن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، يو اي اي جي سفير پنهنجي مقرري واري مدي دوران انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير سفير کي پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي اهڃاڻن تي بريفنگ ڏني جن ۾ مستحڪم پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا، مهانگائي ۾ گهٽتائي، بهتر ٿيندڙ ڪرنسي جي صورتحال ۽ خاص ڪري يو اي اي مان آيل مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو شامل آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان هن وقت نجي شعبي جي قيادت ۾ سيڙپڪاري تي ٻڌل اوسر جي ايجنڊا طرف وڌي رهيو آهي، ملاقات ۾ ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص ڪري واپار، سيڙپڪاري، ماليات، ٽيڪنالاجي،دفاع ۽ عوامي رابطن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ موجود بي پناهه موقعن مان گڏيل طور تي فائدو کڻڻ لاءِ ويجهي حصيداري رکي ويندي.

مزید خبریں