اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ڊيجيٽل ميڊيا بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ مملڪتي وزير فهد هارون سان لبنان جي سفير عبدالعزيز عيسي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊجيٽل ميڊيا، نشرياتي ميڊيا ۽ خطي ۾ رابطن جي تبديل ٿيندڙ رجحانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب فهد هارون پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي جي تجربن تي روشني وڌي ۽ حڪومت …
مملڪتي وزير فهد هارون سان لبنان جي سفير عبدالعزيز عيسي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ڊيجيٽل ميڊيا بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ مملڪتي وزير فهد هارون سان لبنان جي سفير عبدالعزيز عيسي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊجيٽل ميڊيا، نشرياتي ميڊيا ۽ خطي ۾ رابطن جي تبديل ٿيندڙ رجحانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب فهد هارون پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي جي تجربن تي روشني وڌي ۽ حڪومت جي جدت کي هٿي ڏيڻ، آن لائن ذميواراڻي شموليت کي يقيني بڻائڻ ۽ هڪ جديد ۽ هم آهنگ ميڊيا ماحول جي حمايت جي قدمن کان آگاهه ڪيو. هن حصيدار ملڪن سان ڳالهين لاءِ کليل ذريعا برقرار رکڻ جي اهميت کي به اجاگر ڪيو ڇاڪاڻ ته عالمي ميڊيا جا طريقيڪار مسلسل ترقي ڪري رهيا آهن. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











