اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ملڪ ۾ متبادل توانائي جي ذريعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪي گهٽ قيمت وارا آهن، پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ پهريون ڀيرو مستقبل لاءِ پاليسي ٺاهي پئي وڃي، سڌارن جو عمل جاري آهي، نتيجا جلد سامهون ايندا، 19 هزار ميگاواٽ سولر بجلي بڻجي رهي آهي، گردشي قرضن جي مسئلي کي …
ملڪ ۾ گهٽ قيمت وارن متبادل توانائي جي ذريعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ملڪ ۾ متبادل توانائي جي ذريعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪي گهٽ قيمت وارا آهن، پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ پهريون ڀيرو مستقبل لاءِ پاليسي ٺاهي پئي وڃي، سڌارن جو عمل جاري آهي، نتيجا جلد سامهون ايندا، 19 هزار ميگاواٽ سولر بجلي بڻجي رهي آهي، گردشي قرضن جي مسئلي کي حل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، توانائي جي شعبي ۾ نجڪاري جو عمل به سڌارن جو حصو آهي، آءِ پي پيز سان ماضي ۾ ٿيل معاهدا شفاف نه هئا، نجي شعبي کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، توانائي جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان بزنس ڪائونسل جي سيمينار ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪي معيشت مضبوط ٿي رهي آهي، حڪومت عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، نيٽ ميٽرنگ جي نظام ۾ بهتري جي ضرورت آهي، معيشت جي بهتري لاءِ مشڪل فيصلا به ڪرڻا پيا آهن، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو پيو وڃي، توانائي جي شعبي ۾ اهم سڌارا ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته اسان گرين انرجي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ صاف انرجي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ وسيع موقعا موجود آهن، توانائي جي شعبي ۾ پهريون ڀيرو مڪمل منصوبابندي سان سڌارا ڪيا، توانائي جي شعبي ۾ نجڪاري جو عمل به سڌارن جو حصو آهي. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ ريفارمز آڻي رهيا آهيون، انڊسٽري کي بجلي جي اگهن ۾ سبسڊي ڏني پئي وڃي، پاڪستان دنيا ۾ سولر جي شعبي ۾ سڀني کان وڌيڪ ترقي ڪري رهيو آهي، پاور سيڪٽر عالمي معيار موجب فني طور تي مضبوط ناهي، ٻارڻ جي قيمتن ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان پاور سيڪٽر جي چيلهه ٽٽي پئي آهي. هن چيو ته توانائي واري وزارت 28 اهم سڌارن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي، مقابلي واري توانائي جي مارڪيٽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ شروع ٿيندي. وفاقي وزير پاور سيڪٽر جي سياست جو خاتمو حڪومت جو وڏو سڌارو قرار ڏيندي چيو ته گردشي قرض ۾ نمايان گهٽتائي آندي وئي آهي، آءِ پي پيز سان معاهدن جي نئين سر ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته غير موثر بجلي گهرن جي وقت کان اڳ بندش تي ڪم جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي جو حصو 55 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، نيٽ ميٽرنگ قانونن ۾ ترميم جي تياري ۽ ڊسڪوز جي نجڪاري ۽ مارڪيٽ ۾ سڌي ريت ڏي وٺ جي منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت هاڻي مستقبل ۾ بجلي جي سڌي ريت خريدار نه هوندي، وزارت ريگوليٽري فيصلن جي موثر جائزي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاور سيڪٽر ۾ گورننس، شفافيت ۽ مالي استحڪام جا نوان قدم کنيا پيا وڃن.











