صدر آصف علي زرداري پاران هانگ ڪانگ ۾ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هانگ ڪانگ ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان مُوجب صدر آصف علي زرداري چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام جي نالي پنهنجي تعزيتي …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هانگ ڪانگ ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان مُوجب صدر آصف علي زرداري چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام جي نالي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ پاڪستان جي يڪجهتي کي ورجايو. صدر چيو ته سڀني پاڪستانين جُون دليُون ۽ ذهن هن افسوسناڪ واقعي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آهن. صدر آصف علي زرداري زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں