وزيراعظم پاران هانگ ڪانگ جي وڏي عمارت ۾ باهه سبب قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هانگ ڪانگ جي هڪ وڏي عمارت ۾ تباهي مچائيندڙ باهه سبب قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ۽ چين جي صدر شي جن پنگ، چيني قوم ۽ متاثرين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس" تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هن تباهي مچائيندڙ باهه جي …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هانگ ڪانگ جي هڪ وڏي عمارت ۾ تباهي مچائيندڙ باهه سبب قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ۽ چين جي صدر شي جن پنگ، چيني قوم ۽ متاثرين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس” تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هن تباهي مچائيندڙ باهه جي واقعي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي وڏو ڏک ۽ افسوس آهي. چين جي صدر شي جن پنگ چيني قوم ۽ متاثرين سان تعزيت جو اظهار ڪريُون ٿا. اسان جون دعائون ۽ همدرديون سوڳوار خاندانن سان آهن، زخمين جي جلد صحتيابي ۽ متاثرين جي همٿ ۽ بحالي لاءِ پڻ دعاگُو آهيُون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڏک جي هن گهڙي ۾ چين جي عوام ۽ حڪومت خاص طور تي هانگ ڪانگ خصوصي انتظامن واري خطي سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. پاڪستان ۽ چين سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺا هُوندا.

مزید خبریں