ڪراچي - 26 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان آمريڪا جي قونصل جنرل چارلس گڊ مين بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ آمريڪا جي قونصل جنرل چارلس گڊ مين جي وچ ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان آمريڪا جي قونصل جنرل چارلس گڊ مين جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي – 26 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان آمريڪا جي قونصل جنرل چارلس گڊ مين بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ آمريڪا جي قونصل جنرل چارلس گڊ مين جي وچ ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ آمريڪا جي قونصل جنرل چارلس گڊ مين سماجي ۽ معاشي ترقي، عوامي صحت ۽ ڀلائي جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر قرته العين مري پڻ موجود هيون.











