اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) وومين انٽر پرينيئرشپ ڪانفرنس (ڊبليو اي سي او اين) مساوات 2025ع پاڪ- چائينا سينٽر اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، جنهن جو اهتمام برٽش ڪائونسل ۽ چينج مڪينڪس جي سهڪار سان ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ معزز مهمانن، ڀائيوارن، عورتن جي معاشي شموليت جي حامين ۽ سڄي پاڪستان مان آيل عورتن انٽر پرينيوئرشپ ۽ اُڀرندڙ ليڊي ليڊرز شرڪت ڪئي. وزراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود …
وزيراعظم يوٿ پروگرام جي قرض اسڪيم ۾ عورتن لاءِ 25 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) وومين انٽر پرينيئرشپ ڪانفرنس (ڊبليو اي سي او اين) مساوات 2025ع پاڪ- چائينا سينٽر اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، جنهن جو اهتمام برٽش ڪائونسل ۽ چينج مڪينڪس جي سهڪار سان ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ معزز مهمانن، ڀائيوارن، عورتن جي معاشي شموليت جي حامين ۽ سڄي پاڪستان مان آيل عورتن انٽر پرينيوئرشپ ۽ اُڀرندڙ ليڊي ليڊرز شرڪت ڪئي. وزراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان خاص مهمان طور انتظام سنڀاليندڙ، ڀائيوارن، معزز شرڪت ڪندڙن ۽ سمورين عورت انٽر پرينيئورز کي ڀليڪار ڪيو. هن ڊبليو اي سي او اين جي ان فيصلي کي ساراهيو ته 2025ع لاءِ مساوات کي مرڪزي موضوع چونڊيو ويو، جيڪو فقط هڪ پاليسي سڌارو ناهي پر اسلامي قدرن جو حصو، انصاف جو بنيادي اصول ۽ ترقيءَ لاءِ اڻٽر بنياد آهي. رانا مشهور احمد خان وزيراعظم جي ويزن تي زور ڀريندي چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام پاڪستان جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان آبادي جيڪا 30 سال کان گهٽ عمر جي آهي، ان کي بااختيار بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. پروگرام پنهنجي جامع فور ايز فريم ورڪ: ايجوڪيشن، ايمپلائمينٽ، انلجمينٽ ۽ انوائرنمينٽ تحت ڪم ڪري ررهيو آهي جنهن ذريعي اسڪالرشپس، ليپ ٽاپس، ڪاروباري قرض، انٽرنشپس، انوويشن ايوارڊز ۽ ليڊرشپ پليٽ فارمز جهڙا موقعا نوجوانن کي برابريءَ جي بنيادن تي فراهم ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي هن پنجاب ۾ ٿيل هاڪاري تبديلين جو ذڪر ڪيو جتي ڀوٽي مافيا جي خاتمي ۽ شفاف ميرٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ کان پوءِ لِڪل صلاحيتون سامهون آيون. هن پنجاب يونيورسٽي جي ان شاگرد جو مثال پيش ڪيو جيڪو حافظ آباد سان تعلق رکي ٿو ۽ تندور تي مانيون لڳائڻ باوجود 120 ساله تعليمي رڪارڊ ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اهڙيءَ طرح يزمان جي هڪ شاگردياڻي جي ڪاميابيءَ جو حوالو به ڏنو جيڪا نهايت محدود وسيلن باوجود تعليم ۾ غير معمولي طور تي اڳتي وڌي. اهي مثال ان حقيقت کي اجاگر ڪن ٿا ته ميرٽ ۽ موقعو ملڻ تي نوجوان هر قسم جي معاشي رڪاوٽن کي پار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته حڪومت جي ذميداري آهي ته هو نوجوانن جي هاڪاري رهنمائي ڪري، کين موقعا فراهم ڪري ۽ هر شعبي ۾ ترقيءَ لاءِ ضروري وسيلن تائين پهچ يقيني بڻائي، چاهي هو تعليم، ٽيڪنيڪل ٽريننگ، آءِ ٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، آرٽس ۽ ڪلچر، راندين يا ماحول ۽ موسمياتي تبديليءَ بابت شعبا هجن. ان پوري عمل جو مرڪز ميرٽ آهي ۽ ادارا ان ئي اصول کي مضبوط بنائڻ لاءِ سرگرم آهن. هن عورتن جي حقن جي حوالي سان اهم اڳڀرائي جو ذڪر ڪيو، خاص ڪري پنجاب ۾ عورتن جي ملڪيتي حق جي تحفظ ۽ سالن کان نظرانداز ڪيل ان معاملي تي حڪومتي توجهه کي ساراهيو. گڏوگڏ سرڪاري نوڪرين ۾ 33 سيڪڙو عورت ڪوٽا جي لاڳو ڪرڻ کي عورتن جي عملي شموليت لاءِ مضبوط قدم قرار ڏنو. وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم جي جائزي دوران ان اڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ته عورتن لاءِ رکيل 25 سيڪڙو ڪوٽا ۽ بنا وياج يا آسان قرضن جي فراهميءَ باوجود گذريل سال فقط 11 سيڪڙو عورتن ان سهولت مان فائدو کنيو. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ اها شرح 3 سيڪڙو کان به گهٽ رهي. ان صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ سمورين بئنڪن، مالياتي ۽ مائڪرو فنانس ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو عورتن تائين پهچ کي وڌائين ۽ کين برابريءَ جا موقعا فراهم ڪن. هن سمورن معزز شرڪت ڪندڙن، ڀائيوارن ۽ سهڪار ڪندڙ ادارن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت نوجوانن ۽ عورتن لاءِ هڪ اهڙو ماحول قائم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، جيڪو ميرٽ، شموليت ۽ موقعن جي فراهميءَ جي بنياد تي هجي.











