حڪومت نوجوانن کي جديد دؤر جي گهُرجن موجب تعليم جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي: احسن اقبال

گلگت-26 نومبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت نوجوانن کي جديد دؤر جي گهُرجن موجب تعليم جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، تعليم جو مقصد فقط روزگار حاصل ڪرڻ نه پر اعليٰ ڪردار رکندڙ انسانن بڻجڻ به آهي، ڇاڪاڻ ته محنت، لڳن ۽ خلق جي خدمت ئي حقيقي ڪاميابيءَ جو رستو آهي. هو قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽيءَ …

گلگت-26 نومبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت نوجوانن کي جديد دؤر جي گهُرجن موجب تعليم جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، تعليم جو مقصد فقط روزگار حاصل ڪرڻ نه پر اعليٰ ڪردار رکندڙ انسانن بڻجڻ به آهي، ڇاڪاڻ ته محنت، لڳن ۽ خلق جي خدمت ئي حقيقي ڪاميابيءَ جو رستو آهي. هو قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هڪ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. احسن اقبال چيو ته پئسو زندگيءَ جو واحد مقصد ناهي، بنا وسيلن جي به انسان محنت ۽ عزم سان پنهنجي منزل حاصل ڪري سگهي ٿو. هن پنهنجي زندگيءَ جي ڏُکيائين جو ذڪر ڪندي چيو ته مسلسل جدوجهد پئسي جي طاقت کانسواءِ تعليم ذريعي کيس 6 ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ 4 ڀيرا منصوبا بندي جو وزير بڻجڻ جو موقعو ڏنو، ائين ئي هر نوجوان به پنهنجا خواب حقيقت ۾ سمائي سگهي ٿو. هن زور ڀريو ته معاشري ۾ نفرت ۽ تعصب خطرناڪ وائرس آهن جيڪي انسان جي عقل کي ختم ڪري ڇڏين ٿا، کين قومي ۽ اجتماعي سوچ کان پري رکڻ لازمي آهي، اختلاف راءِ فطري آهي پر ان کي ان حد تائين نه وڃڻ گهرجي ته ڪنهن کي نقصان پهچي، اسان کي برداشت، ڳالهين ۽ گڏيل احترام سان گڏ وڌڻو پوندو ڇاڪاڻ ته اسان هڪ قوم آهيون. وفاقي وزير گلگت بلتستان جي آئيني ۽ مالي حقن تي ڳالهيون ڪندي واضح ڪيو ته وزارت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير لاءِ اين ايف سي ۾ سندن جائز حصو ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. مسلم ليگ (ن) ان مقصد لاءِ آئين ۾ ترميم جي حامي آهي، اسان ٻين صوبن کي به قائل ڪنداسين ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي سندن حق ملڻ گهرجن. هن چيو ته ويزن 2025ع تحت سڄي ملڪ وانگر گلگت بلتستان ۾ به يونيورسٽيون ۽ اعليٰ تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا ته جيئن پُٺتي پيل علائقن جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم جي سهولت چائنٺ تي ملي سگهي، اسان قراقرم يونيورسٽي جي ٽنهي ڪيمپس لاءِ ايڇ اي سي ذريعي فنڊز فراهم ڪنداسين ته جيئن خطي جي تقدير تعليم ذريعي بدلجي سگهي، تعليم ئي اها طاقت آهي جيڪا غربت جو خاتمو ڪري ٿي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا. هن چيو ته 2018ع ۾ آيل حڪومت سي پيڪ کي پوئتي گيئر لڳايو جنهن سان ترقيءَ جو عمل رڪجي ويو ۽ ڪيترائي منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي ويا ۽ انهن جي لاڳت ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو، انهن منصوبن جي تڪميل لاءِ فنڊ جاري ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جن جي تڪميل سان توانائي بحران جو خاتمو ٿيندو، اسان جي حڪومت جي پهرين ترجيح اها ئي آهي ته ايندڙ ٻن سالن ۾ نمايان بهتري نظر آڻيون. هن چيو ته خطي جي وسيلن جي درست استعمال سان حقيقي ترقي ممڪن آهي، وزيراعظم هڪ ارب رپين جو انڊومينٽ فنڊ جاري ڪيو آهي جنهن سان مستحق شاگردن جون فيسون ادا ڪري سگهبيون، اسان جي معيشت کي جهڙيءَ طرح بحران طرف ڌڪيو ويو ان جو حل هاڻ اسان کي پاڻ ڪڍڻو آهي. احسن اقبال چيو ته هر يونيورسٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو نوجوانن کي فقط نوڪري تلاش ڪرڻ وارو نه پر نوڪري ڏيڻ وارو بڻائي، اسان کي نوجوانن ۾ ڪاروبار، جدت ۽ خوداعتمادي کي هٿي وٺرائڻي آهي. وفاقي وزير قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽي گلگت ۾ انجنيئرنگ فيڪلٽي جو باقاعده افتتاح به ڪيو. ان موقعي تي گلگت بلتستان جي اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان ۽ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عطاءُ الله به ساڻس گڏ موجود هو. افتتاحي تريب دوران وائيس چانسلر منصوبن جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته 1271 ملين رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيل هي منصوبو مقرر مُدي ۾ پڄاڻيءَ تي پهچايو ويو. انجنيئرنگ فيڪلٽي ۾ جديد گهرجن سان هم آهنگ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ سمورا ضروري ساز و سامان لڳايا ويا آهن. وفاقي وزير احسن اقبال فيڪلٽي جي مختلف شعبن، ڪلاس، روزمز ۽ ليبارٽريز جو معائنو به ڪيو ۽ منصوبي کي اعليٰ معيار جو قرار ڏيندي يونيورسٽي انتظاميه کي مبارڪون پيش ڪيون. هن چيو ته نوجوانن کي معياري تعليم ۽ هنر سان ليس ڪرڻ موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ اهڙا منصوبا گلگت بلتستان ۾ ترقيءَ جي راهه هموار ڪندا. وفاقي وزير نئين تعميل ٿيل ڪارڊيڪ اسپتال گلگت جو دؤرو ڪيو. ان موقعي تي پڻ ساڻس گلگت بلتستان جو وڏو وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جو صدر حافظ حفيظ الرحمان به موجود هو. دؤري دوران اسپتال جي ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ (ايم ايس) وفاقي وزير کي اسپتال جي تعمير، سهولتن، نئين مشينري ۽ مستقبل جي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير ڪارڊيڪ اسپتال گلگت کي مسلم ليگ (ن) جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان گلگت بلتستان جي عوام لاءِ هڪ شاندار تحفو قرار ڏنو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسپتال جي فعال ٿيڻ سان خطي ۾ دل جي مرض جي علاج جي جديد ترين سهولتون دستياب ٿينديون ۽ دل جي مرضن سان موت جي شرح ۾ واضح گهٽتائي ايندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري معاشرتي ترقيءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي، دل جي تڪليف جو مرض جيستائين سَوين ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪري ٿو ته ان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي وڃي ٿو، اها اسپتال ان تڪليف جو خاتمو ڪندي ۽ گلگت بلتستان جي عوام کي گهر ويجهو عالمي معيار جي صحت جون سهولتون فراهم ڪندي. وفاقي وزير اسپتال جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو، مشنيري جو جائزو ورتو ۽ عملي سان ڳالهيون ڪيون. هن هدايت ڪئي ته اسپتال کي جلد کان جلد مڪمل طور تي فعال ڪرڻ لاءِ وسيلا، اسٽاف ۽ جديد اوزارن جي فراهميءَ کي ترجيح ڏني وڃي ته جيئن عوام کي وقت سر علاج ملي سگهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جا سمورا معاشي اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن ۽ معيشت هاڻ مستحڪم انداز ۾ اڳتي وڌي رهي آهي جڏهن ته اسان پهرين تباهيءَ جي ڪِناري تي هئاسين. هن چيو ته هي سڀ ڪريڊٽ وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن وڃي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ترقيءَ لاءِ سياسي حالتون بهتر هئڻ ضروري آهن ۽ دنيا ۾ موجود غير يقيني صورتحال جو مقابلو گڏجي ئي ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان وٽ 3 ٽريلين ڊالرن جي معيشت جي گنجائش موجود آهي ۽ ان روشنيءَ ۾ ڪجهه بنيادي شعبن تي خاص ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي هر حال ۾ روانگي واپار ۾ واڌ ڪرڻي پوندي. ٽيڪنالاجي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ اسان کي پنهنجي ٽيڪنالاجيڪل صلاحيتن کي اڳتي وڌائڻو پوندو ته جيئن مستقبل جي ملازمن لاءِ تيار رهون. ماحولياتي بحران جي مقابلي کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي. انرجي ۽ گرين انفراسٽرڪچر تي خاص ڌيان ضروري آهي، صحت ۽ سماجي ترقيءَ جي شعبن ۾ به خاص توجهه ڏيڻي پوندي. ان کان اڳ وفاقي وزير کي گلگت بلتستان جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري مشتاق احمد گلگت بلتستان ۾ جاري ايس ڊي پي رٿائن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، جن ۾ 16 ميگاواٽ نلتر، هينزل پاور پراجيڪٽ، 100 ميگاواٽ سولر پاور پروجيڪٽ، ڊيش اسڪول، انجنيئرنگ پروجيڪٽ گلگت، اسڪائي پروجيڪٽ گلگت، شاهراه نگر، شاهراه گلگت چترال پروجيڪٽ، اپ گريشن آف ايف پي ايڇ ڪيو اسپتال گلگت ۽ اپ ڊيٽ آف ميڊيڪل ڪاليج گلگت شامل آهن. وفاقي وزير ان رٿائن تي ڪم وڌيڪ تيز ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته انهن رٿائن جي پڄاڻيءَ سان گلگت بلتستان ۾ ترقيءَ جا نوان رستا کُلندا. هن خاطري ڪرائي ته انهن رٿائن ۾ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ ايندي ته وفاقي حڪومت ان کي ختم ڪندي.

مزید خبریں