ريلوي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي ۽ ڏوهن جي روڪٿام بابت اجلاس

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي ۾ سيڪيورٽي ۽ ڏوهن جي روڪٿام بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي پوليس جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي. ريلوي واري وفاقي وزير، هدايت ڪئي ته ٽڪيٽ چيڪنگ مهم کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. هن واضح ڪيو ته بنا ٽڪيٽ سفر ڪندڙ ۽ ڪرائڻ وارو ٻنهي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. ريلوي پوليس …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي ۾ سيڪيورٽي ۽ ڏوهن جي روڪٿام بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي پوليس جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي. ريلوي واري وفاقي وزير، هدايت ڪئي ته ٽڪيٽ چيڪنگ مهم کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. هن واضح ڪيو ته بنا ٽڪيٽ سفر ڪندڙ ۽ ڪرائڻ وارو ٻنهي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. ريلوي پوليس طرفان چوري، اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوهن خلاف ڀرپور قدم جاري آهن. ان کانسواءِ ريلوي واري وزير جي هدايت تي اينٽي انڪروچمنٽ پاليسي مڪمل طور تي فعال ڪئي وئي آهي. ريلوي جي زمين تي سالن کان پراڻين حد دخلين جو خاتمو جاري آهي. اجلاس ۾ آءِ جي ريلوي، ايس پي ريلوي پنڊي ڊويزن ۽ ريلوي جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير، ريلوي پوليس جي فعال ۽ اثرائتي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته اهي قدم ريلوي جي سيڪيورٽي ۽ مسافرن جي حفاظت ۾ بهتري آڻيندا. 

مزید خبریں