راولپنڊي-26 نومبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير علائقائي امن ۽ استحڪام جي عزم کي ورجائيندي دهشتگردي خلاف ايران سان ويجهي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي اردشير لاريجاني جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ …
چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي اردشير لاريجاني جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-26 نومبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير علائقائي امن ۽ استحڪام جي عزم کي ورجائيندي دهشتگردي خلاف ايران سان ويجهي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي اردشير لاريجاني جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي سهڪار، علائقائي سيڪيورٽي جي معاملن، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ خطي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. فيلڊ مارشل پاڪستان جي علائقائي امن ۽ استحڪام جي عزم کي ورجائيندي دهشتگردي خلاف ايران جي ويجهي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. هن بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسٽريٽجڪ سهڪار جي وڌندڙ اهميت کي به اجاگر ڪيو. علي لاريجاني خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو ۽ ايران – پاڪستان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ڊگهي استحڪام لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائيواري جي اهميت تي زور ڀريو.











