ٻوڏ سبب پاڪستان کي هر سال اٽڪل 9.5 سيڪڙو جي ڊي پي جا سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ريت نقصان برداشت ڪرڻا پون ٿا: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان کي هر سال اٽڪل 9.5 سيڪڙو جي ڊي پي جا سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ريت نقصان برداشت ڪرڻا پون ٿا، گليشيئر پگهرجڻ جي نتيجي ۾ برساتن جي پيٽرن، درياهن جي وهڪري ۽ نهري نظام ۾ نمايان تبديليون ظاهر ٿي رهيون آهن جيڪي مستقبل ۾ غذائي تحفظ لاءِ هڪ وڏو چئلينج …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان کي هر سال اٽڪل 9.5 سيڪڙو جي ڊي پي جا سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ريت نقصان برداشت ڪرڻا پون ٿا، گليشيئر پگهرجڻ جي نتيجي ۾ برساتن جي پيٽرن، درياهن جي وهڪري ۽ نهري نظام ۾ نمايان تبديليون ظاهر ٿي رهيون آهن جيڪي مستقبل ۾ غذائي تحفظ لاءِ هڪ وڏو چئلينج ثابت ٿينديون. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بزنس ڪائونسل جي انتظام هيٺ منعقد پينل مباحثي ڪلائميٽ ريزيلينس دير جي قيمت ڪير ادا ڪندو؟ ۾ شرڪت دوران خطاب ڪندي ڪيو. بحث ۾ مختلف اسٽيڪ هولڊرز موسمياتي تبديلين سبب وڌندڙ انساني، معاشي ۽ ماحولياتي نقصانن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي آفتن جي تباهه ڪندڙ اثرن کي اجاگر ڪندي ٻُڌايو ته گذريل چئن وڏين ٻوڏن ۾ اٽڪل 4700 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جيڪو ڪنهن به جنگ کان وڌيڪ انساني نقصان آهي. هن چيو ته 18 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي يا مستقل معذور ٿيا، جڏهن ته 30 لک کان وڌيڪ شهري پنهنجن گهرن کان محروم ٿيا. هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ جي قيمت صرف معاشي نه، ان ۾ معذوري، فوتگيون، تعليمي نقصان ۽ معاش جا بگڙجندڙ پهلو شامل آهن. هن نشاندهي ڪئي ته ٻوڏن سبب پاڪستان کي هر سال اٽڪل 9.5 سيڪڙو جي ڊي پي جي سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح نقصان برداشت ڪرڻا پون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جو هنڌ هنڌ جيڪو هماليه جي ميدان ۾ واقع آهن تيزيءَ سان پگهرجندڙ گليشيئر سبب شديد خطرن ۾ گهيريل آهي، گليشيئر پگهرجڻ جي نتيجي ۾ برساتن جي پيٽرن، درياهن جي وهڪري ۽ نهري نظام ۾ نمايان تبديليون ظاهر ٿي رهيون آهن جيڪي مستقبل ۾ غذائي تحفظ لاءِ هڪ وڏو چئلينج ثابت ٿينديون. ڪاربن جي عالمي نيڪال ۾ شديد عدم توازن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو عالمي نيڪال ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان گهٽ آهي جڏهن ته ٻه پاڙيسري ملڪ اٽڪل 40 سيڪڙو نيڪال ڪن ٿا ۽ دنيا جا 10 ملڪ مجموعي طور تي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ نيڪال جا ذميوار آهن. ان باوجود پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ موسمياتي طور تي غير محفوظ ملڪن ۾ شامل آهي. پينل ۾ ڊولپمينت ڊائريڪٽر برٽش هاءِ ڪميشن سيم والڊاڪ ۽ سي اي او ٽي پي ايل ريٽ مئنجمينٽ ڪمپني سيد جمال پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں