وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي ترڪيه جي هم منصب سان ملاقات

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال انقره ۾ ترڪيه جي هم منصب ڊاڪٽر ڪمال ميمي سوگلو سان ملاقات ڪئي جنهن دوران صحت جي شعبي ۾  ٻطرفي تعاون ۽  گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. صحت واري وزارت مان جاري بيان موجب صحت واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي وزيرن صحت جي شعبي ۾ …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال انقره ۾ ترڪيه جي هم منصب ڊاڪٽر ڪمال ميمي سوگلو سان ملاقات ڪئي جنهن دوران صحت جي شعبي ۾  ٻطرفي تعاون ۽  گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. صحت واري وزارت مان جاري بيان موجب صحت واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي وزيرن صحت جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪندي چيو ته ان شعبي ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو. سندس چوڻ هو ته صحت جي شعبي ۾ بهتري اسان جي اولين ترجيح آهي.

مزید خبریں