ميڊيا معمول جي هوابازي جي طريقيڪار کي سنسي خيز انداز ۾ پيش ڪرڻ کان پاسو ڪري: پي اي اي ترجمان

ڪراچي-26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (پي اي اي)ميڊيا کي چيو آهي ته اها معمول جي هوابازي جي طريقيڪار کي سنسي خيز انداز ۾ پيش ڪرڻ کان پاسو ڪري. گذريل ڏينهن پي اي اي جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته اسلام آباد ۾ عالمي هوائي اڏي تي هاڻوڪو سفر جنهن ۾ اڏام ايس وي 728 شامل هئي، هڪ معياري ۽ عالمي سطح جي طريقيڪار موجب حفاظتي قدم …

ڪراچي-26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (پي اي اي)ميڊيا کي چيو آهي ته اها معمول جي هوابازي جي طريقيڪار کي سنسي خيز انداز ۾ پيش ڪرڻ کان پاسو ڪري. گذريل ڏينهن پي اي اي جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته اسلام آباد ۾ عالمي هوائي اڏي تي هاڻوڪو سفر جنهن ۾ اڏام ايس وي 728 شامل هئي، هڪ معياري ۽ عالمي سطح جي طريقيڪار موجب حفاظتي قدم هو جيڪو طئي ٿيل پروٽوڪول موجب بلڪل درست طريقي سان انجام ڏنو ويو. هن چيو ته هي طريقيڪار عام آهي، غير هنگامي طريقيڪار آپريشنل حفاظت جي اعليٰ ترين سطح تي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته سنسي خيز رپورٽنگ مسافرن ۽ عوام ۾ غير ضروري ڳڻتي پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ عام هوابازي جي طريقيڪار بابت غلط فهمين جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ترجمان چيو ته پي اي اي عوام کي باخبر رکڻ ۾ هڪ اهم پارٽنر طور ميڊيا جي ڪردار کي اهميت ڏي ٿي ۽ تصديق ٿيل معلومات جي بنياد تي ذميواراڻي رپورٽنگ جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. هن چيو ته ادارو سمورن ملڪي هوائي اڏن تي شفافيت ۽ اعليٰ ترين حفاظتي معيار برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں