وفاقي آئيني عدالت جي سمورن ڪيسن جي فائلنگ اسلام آباد ۾ ڪئي ويندي: سرڪيولر جاري

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت نئون سرڪيولر جاري ڪيو آهي، جنهن موجب عدالت جي سمورن ڪيسن جي فائلنگ هاڻي رڳو اسلام آباد ۾ ئي ڪئي ويندي. سرڪيولر موجب ڪنهن به قسم جي درخواست، اپيل، پٽيشن يا ٻيا قانوني معاملا آئينده صرف اسلام آباد ۾ ئي جمع ٿيندا.  سرڪيولر چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جي منظوري سان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ وڪيلن ۽ اصيلن  کي واضح …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت نئون سرڪيولر جاري ڪيو آهي، جنهن موجب عدالت جي سمورن ڪيسن جي فائلنگ هاڻي رڳو اسلام آباد ۾ ئي ڪئي ويندي. سرڪيولر موجب ڪنهن به قسم جي درخواست، اپيل، پٽيشن يا ٻيا قانوني معاملا آئينده صرف اسلام آباد ۾ ئي جمع ٿيندا.  سرڪيولر چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جي منظوري سان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ وڪيلن ۽ اصيلن  کي واضح هدايت ڪئي وئي آهي، ته آئينده سمورا ڪيس اسلام آباد ۾ ئي فائيل ڪيا وڃن. سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي، ته ايندڙ حڪم تائين فائلنگ لاءِ ڪا ٻي اسٽيشن قبول نه ڪئي ويندي. عدالت سمورن لاڳاپيل ماڻهن کي پابندي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته فيصلي جو مقصد عدالتي معاملن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۽ انتظامي معاملن کي اثرائتو بڻائڻ آهي.

مزید خبریں