اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ بل بورڊز لڳائڻ جي اجازت سان واڳيل ڪيس جي ٻڌڻي گذريل ڏينهن ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران عدالت پارڪس اينڊ هينڊي ڪرافٽ اٿارٽي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. عدالت رمارڪس ڏنا ته بل بورڊز شهرين جي جان ۽ مال لاءِ سخت خطرو بڻجن ٿا ۽ فيس جي مد ۾ رقم ڪمائڻ لاءِ عوام جي زندگين سان نٿو کيڏي سگهجي. …
وفاقي آئيني عدالت ۾ بل بورڊز لڳائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ بل بورڊز لڳائڻ جي اجازت سان واڳيل ڪيس جي ٻڌڻي گذريل ڏينهن ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران عدالت پارڪس اينڊ هينڊي ڪرافٽ اٿارٽي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. عدالت رمارڪس ڏنا ته بل بورڊز شهرين جي جان ۽ مال لاءِ سخت خطرو بڻجن ٿا ۽ فيس جي مد ۾ رقم ڪمائڻ لاءِ عوام جي زندگين سان نٿو کيڏي سگهجي. ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته بل بورڊ وڏا خطرناڪ هوندا آهن ۽ واچُوڙي يا تيز هوا ۾ اهي ڪري پوندا آهن. هن پڇاڻو ڪيو ته ڇا اٿارٽي بل بورڊ لڳائڻ کان اڳ سائيٽ جو تعميراتي معيار جانچيندي آهي؟ ۽ جيڪڏهن نقصان ٿي وڃي ته ڇا اٿارٽي ان جي ذميواري کڻندي؟ جسٽس حسن اظهر رضوي پارڪس اٿارٽي کان سوال ڪيو ته ڇا هو فيس لاءِ ماڻهن جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ چاهين ٿا.؟ عدالت واضح ڪيو ته سپريم ڪورٽ اڳ ئي بل بورڊز تي پابندي جو فيصلو ڏئي چڪي آهي ۽ ان فيصلي کان هٽي ڪري ڪا به اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. عدالت بورڊ لڳائڻ جي ميڪينزم تي به سوال اٿاريو. پارڪس اينڊ هينڊي ڪرافٽ اٿارٽي جي وڪيل عدالتي فيصلن جي جائزي لاءِ وقت گهريو جنهن تي عدالت وقت ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته آئينده ٻڌڻي تي اپيل واپس وٺڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي، ۽ جيڪڏهن بل بورڊ جي اجازت تي ڳالهه ڪئي وئي ته اپيل ڏنڊ سان گڏ رد ڪئي ويندي. جنهن کان پوءِ آئيني عدالت جي ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











